سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين جون بند ڪيل پگھارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. رپورٽ مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سنڌ اندر عام واهپي جي شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل مارڪيٽ ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ملڻ خلاف داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي ڪندي سرڪاري وڪيل پاران سنڌ جي وڏي وزير سميت خزاني ۽ زراعت کاتي جي سيڪريٽرين ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ جون پگھارون بند ڪرڻ تي معافي جي درخواست جمع ڪرائي جنھن بعد هاءِ ڪورٽ سکر سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري زراعت ۽ سيڪريٽري فنانس کاتي جون پگھارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته مارڪيٽ ڪميٽي جي ملازمن پاران پينشن نه ملڻ خلاف هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي عدالت وڏي وزير ۽ ٻين ڪامورن جون پگھارون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
