113

پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان لاءِ 1200 ارب روپين جا منصوبا شامل آهن: وفاقي وزير اسد عمر

گوادر (ويب ڊيسڪ) منصوبه بندي ، ترقي ، خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير  اسد عمر چيو آهي ته نارٿ فري زون گوادر جي پهرين زون کان 35 ڀيرا وڌيڪ وڏو انڊيسٽريل زون آهي . چيني سيڙپڪارن طرفان انڊيسٽريل زون ۾ هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري متوقع آهي .وفاقي حڪومت جي سيڙپڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ بلوچستان لاءِ ڪل 1200 ارب جا منصوبا شامل آهن . گوادر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته نارٿ فري زون گوادر جي پهرين زون جي مقابلي ۾ 35 ڀيرا وڏو انڊيسٽريل زون آهي . جنهن ۾ چيني سيڙپڪارن  ڀرپور سيڙپڪاري  ڪرڻ جو جو اظهار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گوادر ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سيڙپڪارن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته انڊيسٽريل زون ۾ هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري جو منصوبو آهي .  هن چيو ته وزيراعظم  عمران خان نومبر 2020ع ۾ ڏکڻ بلوچستان لاءِ تاريخي پيڪج جو اعلان ڪيو هو ۽ پنهنجي  گوادر جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم پيڪج تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو آهي . اسد عمر وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت 600 ارب روپين کان وڌيڪ پيڪج مان 53 منصوبه هن سال جي ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڪيا آهن . هن وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان نوجوانن کي انٽر نيٽ جي جديد سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي . وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت  سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي ) ۾ بلوچستان لاءِ ڪل 1200 ارب منصوبا شامل آهن .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو