199

مهانگي بجلي جا معاهدا ڪرڻ وارا هاڻ پاڻ هي واويلا ڪري رهيا آهن: وفاقي وزير حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي وارو وفاقي وزيرحماد اظهر چيو آهي ته مهانگي بجلي جا معاهدا ڪرڻ وارا هاڻ پاڻ هي واويلا ڪري رهيا آهن، بجلي جي پيدواري نظام اڳوڻي حڪومتن درآمدي اينڌن تي منتقل ڪيو، ملڪي وسائل ڇڏي درآمدي اينڌن تي بجلي گهر لڳائڻ جو جواب ڏين، پيڪ جي 2 مهينن جي علاوه 10 مهينن ۾ 30 سيڪڙو بجلي اضافي رهندي آهي، ان جو جواب ڪير ڏيندو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي بيان جي ردعمل ۾ پنهنجي بيان ۾ حماد اظهر چيو ته ٻن مهينن جي پيڪ جي علاوه 10 مهينن ۾ 30 سيڪڙو بجلي اضافي رهندي آهي ان جو جواب ڪير ڏيندو. 8 سال ۾ جيڪا توهان 26000 ميگاواٽ جا وڌيڪ بجلي جا مهانگا معاهدا ڪيا آهن جن سان ضروري بجلي وٺڻي پوندي آهي ان جواب  به ڏيو. ملڪي وسائل ڇڏي امپورٽد فيول تي پاور پلانٽس لڳائڻ جو به جواب ڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو