اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ واپار جي شعبي ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گذريل مالي سال دوران نمايان اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ملڪ ۾ واپار جي شعبي ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 159.6 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 271.86 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال 2020ع جي پهرين 11 مهينن ۾ ملڪ ۾ واپار جي شعبي ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 43 ملين دالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. مئي 2021ع ۾ ملڪ ۾ واپار جي شعبي ۾ 54.5 ملين ڊالر جي سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري رڪارڊ ڪئي وئي.
133