اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خبردار ڪيو آهي ته نسل پرستي ۽ نفرت تي ٻڌل هندوتوا نظريي تحت مسلمانن تي ظلم جاري رکڻ جي صورت ۾ ڀارت اندروني انتشار جو شڪار ٿي ويندو، ڀارت ۾ امن جو مستقبل ان جي اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان اختيار ڪيل ناروا سلوڪ سان واڳيل آهي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) جي عالمي لاڳاپن جي شعبي جي اهتمام هيٺ ”هندوستان ۾ هندوتوا جي اداراسازي: علائقائي سلامتي جو نقطه نظر“ جي عنوان سان منعقد عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس ۾ آمريڪا، چين، ايران، جرمني ۽ پاڪستان جي دانشورن شرڪت ڪئي ۽ هندوتوا انتهاپسندي جي مقامي تناظر ۾ عالمي سطح تي اسلامو فوبيا ۾ اضافي جي رجحان تي خيالن جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته هندستان پنهنجي تاريخي موقف ۾ ڪڏهن به هڪ ملڪ ناهي رهيو پر 500 کان وڌيڪ شاهي رياستن جو مجموعو آهي جيڪو نسل ڪشي ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ کي نه روڪڻ جي ڪري اڄ به هيٺ ڪري سگهي ٿو. صدر عارف علوي چيڳو ته مودي حڪومت جي سرپرستي ۾ هندوتوا جي نظريي کي فروغ ڏنو پيو وڃي، جنهن سان هندستاني معاشري ۾ تشدد ۽ بدامني پکڙجي ويندي ۽ اهو ته ان جي نتيجي ۾ ڀارت پاڪستان کي پنهنجي ڪوتاهين ۽ انتهاپسنداڻي پاليسين جو ذميوار قرار ڏيندو. هن چيو ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ڏاڍ ۽ ان جي نسل ڪشي هندوتوا پاليسين جو عملي اظهار آهي. هن چيو ته هندستان پاران تازو ئي ترميم ٿيل ”شهريت ايڪٽ“ ۾ هندوتوا جي معتصباڻي ذهنيت جي عڪاسي ٿي آهي جنهن جو مقصد مسلمان اڪثريتي ڪشمير جي آبادي کي تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته مودي حڪومت پاران اهڙي طرح جي ڪاررواين کي ”نسلي صفائي“ جي برابر قرار ڏنو ويو آهي جنهن تحت ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين کي روڪڻ جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ دنيا جي خاص ڌيان جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا پنهنجي ذاتي مفادن جي ڪري ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پريشان ڪندڙ صورتحال کي سنجيدگي سان نه وٺي رهي آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عالمي برادري هندستان جي حقيقي تصوير کي ڏسي جيڪا مسلمانن جي خلاف کليل نفرت جي عڪاسي ڪري ٿي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته مسلمانن جو انگ ڀارت جي آبادي جو اٽڪل 15 سيڪڙو آهي پر افسوس جو انهن کي هندستاني پارليامينٽ ۾ پنهنجي مناسب نمائندگي سان گڏوگڏ سرڪاري نوڪرين ۾ حصو وٺڻ کان مبه محروم رکيو ويو آهي. هن چيو ته هندستان ٻين اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي طرح هندستان جي لاءِ مسلمانن جي خدمتن کي مٽائي تاريخ کي ٻيهر لکڻ چاهي ٿو. هن ان سلسلي ۾ چيڪ ليکڪ ميلان ڪنڊيرا جي ڪتاب The Book of Laughter and Forgetting جي هڪ اقتباس جو حوالو ڏنو آهي جنهن چيو هو ته ماڻهن جي خاتمي جو پهريون قدم انهن جي ڪتابن، ثقافت ۽ تاريخ کي ختم ڪري ان جي يادن کي کسڻ آهي. صدر هندستاني دانشور خوشونت سنگهه جي ڪتاب End of India ۽ هندستاني عورت صحافي رانا ايوب جي ڪتاب Gujarat Files: Anatomy of a Cover Up جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ هندستان جي تشدد، نفرت ۽ تعصب تي ٻڌل تايخ جي اونداهي نظرين کي اجاگر ڪيو ويو آهي. صدر پاڪستاني قوم جي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته کيس پاڪستاني قوم تي فخر آهي جنهن وٽ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ هڪ فڪري برتري حاصل ڪري عالمي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪرڻ جو عزم ۽ صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي ترقي طرف گامزن ڏسي سگهان ٿو جيڪو جلد ئي معاشرتي ۽ اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻيندو. ان موقعي تي اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد چيو ته پاڪستان کي وڏا ٻاهريان خطرا ڀارت سان ڳنڍيل آهن ۽ ان جون دفاعي صلاحيتون بنيادي طور تي پاڪستان تي کُتل آهن. هن چيو ته توازن برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي سرحدن ۽ عوام جي دفاع جي مقصد لاءِ پنهنجي فوجي طاقت وڌائڻ جو حقدار آهي. هن ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته 2014ع کانپوءِ هندستان سياسي مفادن جي لاءِ مذهبي جذبن جو استعمال ڪري رهيو آهي، اها صورتحال پاڪستان سان گوگڏ پوري خطي جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.
114