114

ڳالهيون رڳو سياسي طور ناراض بلوچن سان ٿينديون پر ڀارت سان ملي دهشتگردي ڪندڙن سان نه ڳالهائبو: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڳالهيون رڳو سياسي طور ناراض بلوچن سان ٿينديون پر ڀارت سان ملي دهشتگردي ڪندڙ ناراض بلوچن سان ڳالهيون نه ڪيون وينديون. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم جي ڪيل اعلان موجب  بلوچستان جا اهي ناراض قومپرست جن جو ڀارت سان واسطو نه آهي انهن سان ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِِ ڪم شروع پڻ ڪيو ويو آهي. ناراض قوم پرستن سان ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ ايجنڊا طئي ڪئي ويندي، پر جيڪي ناراض بلوچ ڀارت سان گڏجي دهشتگردي ڪندا هئا انهن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون.  فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ ڀارتي نيٽ ورڪ کي وڏي ڪاميابيءَ سان ٽوڙي ڇڏيو آهي،  پاڪستان ۾ ڪلڀوشن کان پوءِ ڀارت جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ جهليو آهي جنهن جا تفصيل به جلدئي جاري ڪيا ويندا. پنجاب پوليس دهشتگردي روڪ کاتي سان گڏجي ڀارت جي هڪ وڏي نيٽ ورڪ کي پڌرو ڪيو آهي. جيڪي به ماڻهو ڀارتي نيٽ ورڪ جو حصو آهن انهن ماڻهن جا نالا، بئنڪ اڪائونٽن ۽ دهليءَ جي بئنڪن مان ناڻي جي منتقليءَ جا سمورا تفصيل به ظاهر ڪنداسين. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سيپيڪ جي فائدن لاءِ بلوچستان وڏي اهميت رکندڙ آهي، وزيراعظم جو هڪ ڏينهن اڳ وارو دورو ان جو ثبوت آهي ته اسين سيپيڪ کي ڪيتري اهميت ڏيون ٿا. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان عوام کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ سمورن وزيرن، گورنرن کي پنهنجو پروٽوڪول گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري ئي پاڻ به شادين ۾ نه ويندو آهي، ڇو ته گهڻي پروٽوڪول جي ڪري عام ماڻهن کي ڏکيائين ٿينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪهڙا نظريا؟ ڪهڙي جدوجهد؟ سياسي پارٽيون ته بيٺل ئي اليٽ ايبلز تي آهن انهن جي پنهنجي ته ڪا حيثيت ئي نه آهي، آزاد ڪشمير ۾ انهن وٽ اميدوار ئي نه آهن. ن ليگ وارا چون ٿا ته سندن ماڻهو هوڏانهن هليا ويا، اهي ٻڌائين ته نواز ڪهڙي نظريي هيٺ وڃي آصف علي زرداريءَ جو پاسو ورتو؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو