راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته موجوده خطرن ۾ گڏيل قومي رد عمل جي ضرورت آهي جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان توڙي پاڪستان جي دشمنن کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ستين بلوچستان نيشنل ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دور ڪيو. ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ پارليامينٽ ميمبر، بيورو ڪريٽس، نوجوان، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ اڪيڊميا جا ميمبر شامل هئا، ورڪشاپ جو مقصد مستقبل جي قياد کي بلوچستان سميت قومي ۽ صوبائي معاملن جي باري ۾ بهتر آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قومي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام سان پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي، سخت جدوجهد مان حاصل امن جا نتيجا آڏو اچي رهيا آهن، صوبي ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو عمل تيز ڪرڻو پوندو. پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته ڊگهي مدي واري استحڪام لاءِ عوام جي بهتري جي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي، سيڪيورٽي فورسز، بلوچستان ۽ پاڪستان جي دشمنن کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهي، قوم امن استحڪام جي رستي ۾ هر ڏکيائي ۾ ثابت قدم رهي آهي. آرمي چيف زور ڏنو ته موجوده خطرن ۾ گڏيل قومي رد عمل جي ضرورت آهي، قومي قيادت ۽ فوج جو مڪمل ڌيان بلوچستان تي آهي، قومي ۽ صوبائي سطه تي ٻين رياستي ادارن سان گڏجي بلوچستان جي ترقي لاءِ ڪوشان آهيون.
206