107

چريا نه آهيون جو ايتري جدوجهد کان پوءِ ڊيل ڪنداسين، وقت ايندو ته حساب ڪتاب ٿيندو: مريم نواز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته هاڻ ڊيل ڇو ٿيندي ۽ ڪنهن سان ٿيندي؟ ڇا اسان چريا آهيون جو ايتري جدوجهد ڪرڻ کان پوءِ ڊيل ڪنداسين.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته ان جا نتيجا پري تائين ويندا، اليڪشن چوري جا نتيجا انتهائي غلط نڪرندا، اليڪشن چوري ڪرڻ ڪوشش نه ڪريو، اليڪشن ڪميشن جي عمل کي اغوا ڪري به توهان هارائجي ويندا آهيو، جيڪڏهن آزاد ڪشمير ۾ شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ٿيون ته ن ليگ اڪثريت سان کٽيندي. سوات ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ بابت مريم نواز چيو ته مسلم ليگ ن ۾ ڪو اختلاف نه آهي، نواز شريف آزاد ڪشمير جي اليڪشن جي ذميواري مون کي ڏني آهي، آئون اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف آهيان، سوات ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ منهنجي طرفان نمائندگي شهباز شريف ڪئي، شهباز شريف منهنجو ۽ مسلم ليگ ن جو صدر آهي، جتي شهباز شريف هجي اُتي منهنجي ضرورت نه پوندي آهي. مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم  وڏا مقصد حاصل ڪري ورتا آهن. هي حڪومت جڏهن ويندي ته ٻيهر نه ايندي، ڇو ڊيل ٿيندي ۽ ڪنهن سان ٿيندي؟ ڇا اسان چريا آهيون جو ايتري جدوجهد ڪرڻ کان پوءِ ڊيل ڪنداسين، جڏهن وقت ايندو ته حساب ڪتاب ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته  بلوچ ايترا ئي پاڪستاني آهن جيترا توهان ۽ اسان آهيون، بلوچن کي پاڪستان سان جوڙي رکڻ گهرجي، بلوچن جي اعتراضن کي ختم ڪرڻ گهرجي، پر ناراض بلوچن کي پرچائڻ کان اڳ وزير اعظم هزاره برادري ڏانهن وڃي گهرجي ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو