119

ملڪ ۾ڀارت،ڏکڻ آفريڪا ۽ برطانيا جي ڪورونا وائرس جي موجودگي جي تصديق

اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ڀارت،ڏکڻ آفريڪا ۽ برطانيا جي ڪورونا وائرس جي موجودگي جي تصديق. ملڪ ۾ڪورونا وڌيڪ 25 حياتيون کسي ورتيون،پازيٽو ڪيسن جي شرح 2.22 سيڪڙو رڪارڊ. رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 830 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾714 مريض وائرس مان صحتياب ٿيا آهن. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 8 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 953 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 441 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. اھا ڳالھھ اڄ اڱاري ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16218 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 953 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 5.9 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 8 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 5536 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 4596490 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 342211 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 441 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 315378 مريض صحتياب ٿيا آھن، يعني بحاليءَ واري شرح 92.3 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 21297 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 20581 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 656 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 60 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 601 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 48 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 953 ڪووڊ ڪيسن مان 722 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. سنڌ جي ضلعن جا انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ اوڀر ڪراچيءَ مان 239، سينٽرل ڪراچي 161، ڏکڻ ڪراچي 161، اولھھ ڪراچي 65، ملير 55، ڪورنگي 50، ٺٽو 26، حيدرآباد 23، ميرپورخاص 11، بدين 10، مٽياري 9، ڄامشورو 6، دادو 6، خيرپور 5، ڪشمور ۽ گھوٽڪي ھڪ ھڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو