اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هن حڪومت جي هوندي ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هزارين ارب رپين جا اسڪينڊلز آهن پر احتساب بيورو خاموش ويٺو آهي، حڪومتي نااهلي جي ڪري 6 ڏينهن ايل اين جي بند ڪرڻي پئي،ذميوار ڪير آهي؟ بجيٽ پاس ٿيندي ئي بجلي قيمت ۾3 رپيا واڌ ڪئي وئي،اڃا مهانگائي ٿيندي.
106