ليکڪ: ورونيڪا سمنڪ
هن ٻڌايو ته معاشي اعتبار کان اڄ جو چين ڪميونزم کان وڌيڪ سرمائيداراڻي نظام جي ويجهو آهي، هن مطابق هي هڪ ڪنزيومر سوسائٽي جيڪا ڪميونزم جي بلڪل ابتڙ آهي، پر هن تنبيهه ڪئي آهي جيڪو بظاهر چين جي معيشت سرمائيداراڻا نظر اچي ٿي پر جيڪڏهن توهان پهريون تهه هٽائيندو ته توهان کي پارٽي جو مضبوط هٿ ان جي پويان نظر ايندو. سي سي پي جو نه نظر نه ايندڙ هٿ ئي چين جي معيشت جي هر پهلو ۾ موجود آهي. جيتوڻيڪ هيٺين سطح تي سرمائيداراڻا نظام سان ئي معاملا هلايا وڃن ٿا پر اعليٰ سطح تي ڪنٽرول وڌيڪ نمايان آهي، جتان رياستي سطح جا سمورا اهم فيصلا ڪيا وڃن ٿا. مثال طور چين جي ڪرنسي يوهان جي قيمت ڇا هوندي ۽ پرڏيهي ناڻو ڪير خريد ڪري سگهندو؟ ملڪ جي سڀ کان وڏين ڪمپنين کي به سي سي پي ئي ڪنٽرول ڪري ٿي، حقيقت ۾ فارچون گلوبل جي لسٽ ۾ موجود چين جي 70 سيڪڙو يعني 124 ڪمپنين مان 84 سرڪاري ڪمپنيون آهن، سرڪاري طور تي سي سي پي چين جي سموري زمين جي مالڪ آهي جيتوڻيڪ عملي طور تي ماڻهو ڪجهه سالن کان نجي ملڪيت جا به مالڪ بڻجي سگهن ٿا، هي بئنڪنگ جي نظام کي به ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه جو فيصلو ڪري ٿي ته ڪنهن کي قرض جاري ڪرڻا آهن، براڊرڪ چوي ٿو ته ايستائين جو چيني نجي ڪمپنين کي رياستي معائني مان گذرڻو پوي ٿو ۽ هن وٽ پارٽي ڪاميٽيون هونديون جيڪي فيصلا سازي کي متاثر ڪري سگهن ٿيون. غير ملڪي ڪمپنين سان به اهڙو ئي رويو آهي، جن ۾ سي سي پي جا گهٽ ۾ گهٽ 3 ميمبر ضرور ڪم ڪن ٿا، نجي ڪمپنين ۽ رياست جي وچ ۾ موجود اها ڌنڌلي سرحد ئي ويجهڙ وارن سالن ۾ هواوي جي تڪرار جي پويان آهي، جڏهن آمريڪا چين جي سڀ کان وڏي نجي ڪمپني تي سرڪاري جاسوسي جو الزام هنيو هو. اهي سوشلسٽ خاصيتون جيڪي اڃا به چيني معاشي ماڊل ۾ موجود آهن ۽ ڪيترن ئي تجزيه ڪارن ان کي رياستي سرمائيداري جو نالو ڏنو آهي، انهن چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري جنگ کي به تيز ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ اهو تڪرار واپاري توازن تي آهي، پر اهو گهڻي حد تائين بيجنگ جي حق ۾ آهي، صحافي ۽ عالمي معاملن جو ماهر ڊيگولاجي چوي ٿو ته چين جي پرائيويٽ ڪمپنين کي ٻيڻو فائدو آهي، اهي سرڪاري بئنڪن مان قرض کڻن ٿيون ۽ رياستي ڪمپنين کان توانائي تي سبسڊي وٺن ٿيون ۽ ملڪ جي سموري توانائي واري پيداوار تي ڪنٽرول ڪن ٿيون، لاجي مڃي ٿو ته چين کي سرمائيداراڻو نظام نٿو چئي سگهجي، ڇو ته هو ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (ڊبليو ٽي او) جي تقاضائن تي پورو نٿو لهي، جنهن ۾ چين 2021ع ۾ شامل ٿيو ۽ جيڪو اڃا به ان کي مارڪيٽ اڪانامي جي طور تي تسليم نٿو ڪري، پر سندس چوڻ آهي ته روز مرهه جي بنياد تي رياست جي مداخلت محسوس نٿي ٿئي، جنهن سان آزادي جو هڪ احساس ٿئي ٿو، ڏکڻ اوڀر چين سان تعلق رکندڙ زائولن جيڪا تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ چين اچي وئي آهي هن ٻڌايو ته سندس تجربي ۾ چين تيزي سان سرمائيداراڻو بڻجي رهيو آهي، هوءَ چوي ٿي ته گهر تمام گهڻا مهانگا آهن ۽ صرف امير ماڻهو ئي اهي وٺي سگهن ٿا، مون وانگر نوجوان پنهنجو گهر نٿا وٺي سگهن ۽ اسان پنهنجي والدين ۽ وڏڙن تي ئي ڀاڙيون ٿا، صحت جي نظام ۾ به اهو توجهه جي قابل آهي، گهڻو ڪري چيني عوامي نظام تي ئي ڀاڙين ٿا، جتي اڪثر رش رهي ٿي پر امير فرد پرائيويٽ اسپتالن ۾ وڃن ٿا. چين ۾ تعليم جي شعبي ۾ به تبديليون آيون آهن اهو اڃا به سرڪاري سرپرستي ۾ آهي پر هاڻ اهو مڪمل طور تي مفت نه آهي، زائولن ٻڌايو ته 9 سالن جي تعليم لازمي آهي پر ان لاءِ اوهان کي ادائگي ڪرڻي نٿي پوي، پر سيڪنڊري اسڪول ۽ يونيورسٽي وڃڻ لاءِ اوهان کي پئسا ڀرڻا پون ٿا، جتي هوءَ پنهنجي زندگي ۾ رياست جي موجودگي سڀ کان وڌيڪ محسوس ڪري ٿي، اها سيڪيورٽي ۽ اظهار راءِ جي آزاديءَ جي لحاظ کان آهي، چين محفوظ ترين ملڪ آهي، حڪومت اسان جي حفاظت جي گارنٽي ڏئي ٿي، پر انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي پابنديون آهن. پنهنجي قيام جي 100 سالن کانپوءِ سي سي پي جنهن ماضي ۾ سرمائيداري تي يقين رکندڙن کي تنگ ڪيو هو، پنهنجي رياستي سرمائيداري جي ڪاميابي جي وضاحت ڪيئن ڪري ٿي، جنهن جي ڪري چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت بڻجي ويو آهي. هارورڊ يونيورسٽي ۾ ايش سينٽر جو ڊائريڪٽر اينٿوني سيچ چوي ٿو ته سي سي پي جي قيادت راند کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هن ٻڌايو ته چين جي موجوده اڳواڻ تاريخ کي اهڙي طرح ٻيهر لکيو آهي جو سرڪاري تاريخ جي ان پهلو کي مٽائي ڇڏي ٿي جتي هو اهو اعتراف ڪري ٿو ته مائو شايد ڪجهه غلطيون ڪيون اتي هو سرمائيداراڻي نظام جي پيروڪارن تي حملن کي نظرانداز ڪري ٿو ۽ ثقافتي انقلاب جي وضاحت ان تجربي جي طور تي ڪري ٿو جنهن مان پارٽيءَ سبق حاصل ڪيو، هو زور ڏئي ٿو ته هي بدعنواني ۽ نوڪر شاهي تي حملو هو، وغيره وغيره، اينٿوني سيچ چوي ٿو ته شي جن پنگ 1949ع کانپوءِ جي دور کي 2 ڪهاڻين ۾ ڏسڻ بدران ( هڪ مائو جي ماتحت ۽ هڪ سڌارن جي تحت) ان کي هڪ تجربي جي طور تي ڏسي ٿو، جنهن جو نتيجو پارٽي جي موجوده صورتحال ۾ نڪتو آهي، ڪيترن ئي ٻين ماهرن وانگر سيچ جو مشاهدو آهي ته شي جن پنگ جي دور ۾ چين مارڪيٽ جي وڌيڪ آزاد اثر ۽ رسوخ کان پري هليو ويو آهي، جن جو پهريان تجربو ڪيو ويو هو، براڊرڪ مطابق چيني اڳواڻ کي يقين آهي ته سوويت يونين ان ڪري وکريو ڇو ته انهن پنهنجي ڪميونسٽ بنيادن کي هڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ هو نٿا چاهين ته اهو عمل سندن ملڪ ۾ به ٿئي. شي وارو چين وڌيڪ سرمائيداراڻو بڻجي رهيو آهي يا ڪميونسٽ؟ سيچ جو مڃڻ آهي ته انهن مان ڪو به آپشن درست ناهي. (پورو ٿيو)