125

پاڪستان ۾ پرڏيهي پاليسي بابت ٿيندڙ اهم غلطيون

ليکڪ: مليحا لوڌي

پرڏيهي پاليسي هڪ انتهائي نازڪ معاملو آهي ۽ ان کي صحيح طور تي ڪنهن به ملڪ جي پهرين دفاعي لائين چيو ويندو آهي، ان حوالي سان پاليسي سازي ۽ ان جي وضاحت لاءِ انتهائي گهڻي سوچ ويچار ۽ معاملا فهمي جي ضرورت هوندي آهي، هڪ پرڏيهي پاليسي کي عوامي سطح تي جنهن انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي اهو ان کي گهٽ يا وڌيڪ موثر بڻائي سگهي ٿو، گڏوگڏ ئي اهو ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي به اثرانداز ٿئي ٿو. سفارتڪاري ۾ ان ڳالهه جي اهميت انتهائي وڌيڪ آهي ته ڪڏهن عوامي سطح تي ڪا ڳالهه چئي وڃي ۽ ڪهڙي وقت خاموش رهڻ گهرجي، لفظن جا نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا ڪڏهن اوهان ان لاءِ تيار هوندا ۽ ڪڏهن ناهيو هوندا. پرڏيهي پاليسي تي ڏنل بيان پاڪستان جا سفارتي لاڳاپا دنيا جي آڏو اسان جي شبيهه ۽ عالمي راءِ تي منفي ۽ مثبت اثر مرتب ڪري سگهن ٿا، پرڏيهي پاليسي تي ڏنل بيانن ۾ اهو فرق نٿو ڪيو وڃي ته اهي بيان صرف ملڪي عوام لاءِ آهن يا عالمي برادري لاءِ آهن، اهو ئي سبب آهي ته پرڏيهي پاليسي تي ڪو به بيان ڏيڻ کان اڳ لفظن کي تورڻ انتهائي ضروري آهي پر لڳي ائين ٿو ته اعليٰ حڪومتي عهديدار پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان بيان ۽ انٽرويو ڏيندي انهن ڳالهين کي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا، نتيجي ۾ غير ضروري الجهاءُ پيدا ٿئي ٿو جيڪو ملڪ لاءِ فائدي وارو نه آهي، ان کي ائين ڏسو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪيترائي وزير جن جون ذميواريون پرڏيهي معاملن سان آهن ئي نه اهي به عالمي معاملن تي عوامي سطح تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪن ٿا، اڪثر انهن جا بيان پنهنجي ٻين ساٿين کان مختلف هوندا آهن، تازو ئي ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس کي ئي ڏسي وٺو، ان اجلاس جي حاصلات تي پرڏيهي وزير کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ وڌيڪ 3 وزيرن به تبصرو ڪيو، هڪ وزير ته ايستائين چئي ڇڏيو ته پاڪستان جي گري لسٽ برقرار رهڻ جو سبب ان وٽ ائٽمي صلاحيت جو هجڻ آهي، اهو اڪيلو معاملو نه آهي جنهن تي مختلف بيان سامهون آيا آهن. هن وقت افغانستان جون حالتون خطرناڪ آهن ۽ افغانستان جي مستقبل جو سڌي ريت اثر پاڪستان تي به ٿيندو، اهڙي صورتحال ۾ به ڪجهه وزير ان قسم جا بيان ڏئي رهيا آهن جيڪي پرڏيهي پاليسي مطابق نه آهن. سرڪاري اعلانن ۾ مستقبل مزاجي جو هجڻ انتهائي ضروري آهي ته جيئن پرڏيهي پاليسي جي وضاحت ٿي وڃي ۽ پرڏيهي معاملن جي حوالي سان پاڪستان جي مفادن ۽ مقصدن تي ڪو ابهام نه رهي، پر ان عزم کي ان وقت ضرب لڳي ٿي جڏهن ٻيو قلمدان رکندڙ وزير پنهنجي محدود معلومات سان صرف مشهور ٿيڻ لاءِ پرڏيهي معاملن تي بيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. رڳو ٻيا وزير ئي نه پر جيڪي ماڻهو پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان بيان ڏيڻ جا ذميوار آهن انهن کي به اهو سوچڻ گهرجي ته ڇا پرڏيهي معاملن تي گهڻي ڳالهائڻ يعني روز جي بنياد تي پريس ڪانفرنس ڪرڻ يا ٽي وي تي اچڻ موثر ثابت ٿيندو؟ ڇا ائين ڪرڻ احتياط جي تقاضائن تي پورو لهي ٿو؟ روزانو جي بنياد تي بيان ڏيڻ سان ان جي اهميت گهٽجي ويندي آهي، اهو ئي نه پر ان جي نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلطيون به ٿي وينديون آهن، جن جي ڪري اهڙي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جنهن کان بچيو رهڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو،  ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته وزيرن جي بيان جي ڪيترا ڀيرا وضاحت ڪئي وڃي ٿي يا وري انهن کان لاتعلقي ڏيکاري وڃي ٿي، تجربيڪار سياستدان پنهنجي مشهوري ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ضرورت کان وڌيڪ ميڊيا ڪوريج ۾ هڪ توازن برقرار رکن ٿا، اهو اصول پرڏيهي معاملن جي ذميوارن تي به لاڳو ٿئي ٿو، ڪجهه وضاحتون ترجمانن لاءِ ڇڏڻ ۾ ئي عافيت هوندي آهي، حڪومت طرفان پرڏيهي پاليسي تي ايندڙ بيانن جو هڪ رخ عوامي سياست ۽ عوامي مقبوليت به هوندي آهي، اهو رجحان انهن ٻين ملڪن ۾ به ڏٺو ويو آهي ته جتي عوامي سياست کي اهميت حاصل هوندي آهي، ظاهر آهي ته عوام کي پرڏيهي پاليسي سمجهائڻ ۽ پرڏيهي پاليسي جي مقصدن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ضروري آهي پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته اهڙا جذباتي بيان ڏنا وڃن جن جو مقصد رڳو عوامي مشهوري ۾ واڌ هجي ۽ ٻين ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا خراب ٿين پر ڳالهه وري به اها ئي آهي ته عوامي مشهوري لاءِ ڪو ڪم ڪرڻ اسان جي حڪمرانن لاءِ نئون نه آهي، پر جيئن ته باقي جاين تي  ٿيندو آهي ته اهو رجحان اهڙين ڏکيائين ۽ مشڪلن جو سبب بڻجندو آهي جن کان بچڻ ممڪن هوندو آهي.جڏهن اوهان رڳو عوامي مشهوري خاطر پرڏيهي پاليسيءَ سان لاڳاپيل بيان ڏيو ٿا ته ان مان اهو خدشو پيدا ٿي سگهي ٿو عالمي برادري جي سامهون ملڪ غير سنجيده ۽ غير متوقع حيثيت ۾ پيش ٿئي ۽ اڳوڻن دوست ملڪن تي الزام هڻڻ شايد ئي ڪنهن ملڪ کي ان جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي، جيڪو ڪجهه به مقامي سطح تي چيو وڃي ٿو ان جا اثر ملڪ کان ٻاهر به وڃن ٿا ۽ پوءِ ان جي قيمت به ادا ڪرڻي پوي ٿي. ڪجهه وزيرن ۾ اها عادت به آهي جڏهن ڪو دوست ملڪ يا ڪو ادارو پاڪستان جي موقف جي حمايت نٿو ڪري ته اهي ان کي عوامي سطح تي تنقيد جو نشانو بڻائين ٿا، ڪڏهن ته ائين به ٿئي ٿو ته بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ ڳالهيون جن کي ٻاهر نه اچڻ گهرجي انهن کي به عوامي سطح تي بيان ڪيو پيو ويندو آهي، مثال طور او آءِ سي تي  ٿيندڙ تنقيد سڀني کي ياد هوندي. سوال اهو آهي ته ڪنهن ملڪ يا اداري جي حوالي سان پنهنجي خدشن کي راضداري سان ٻئي تائين پهچائڻ ۽ ان مٿان دٻاءَ وجهڻ سان ٻئي ملڪ يا اداري کي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ تي قائل ڪري سگهجي ٿو؟ ۽ اهو ته ڪٿي عوامي سطح تي تنقيد انهن کي پنهنجي موقف تي وڌيڪ مضبوط ته نه ڪري ڇڏيندي. اها ئي صورتحال هڪ اهڙي ملڪ سان به پيش اچي چڪي آهي جنهن سان پاڪستان جا لاڳاپا انتهائي اهم هئا، نتيجي طور پاڪستان کي جيڪو ڌچڪو لڳو ان کي درست ڪرڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويا، ان حوالي سان تازو معاملو ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پيش آيو، سينيئر وزيرن طرفان ايندڙ بيانن ۾ چيو ويو ته ايف اي ٽي ايف جا مقصد سياسي آهن، ٿي سگهي ٿو ته ان خيال جي پويان مضبوط بنياد هجن پر عوامي سطح تي ان جو اظهار مستقبل ۾ ان اداري طرفان ڪنهن سٺي خبر حاصل ڪرڻ جو طريقو نه آهي. جيئن گمان هو ته ان صورتحال ۾ هڪ يورپي اهلڪار (پنهنجي سڃاڻپ لڪائيندي) اسلام آباد کي اهڙن بيانن کان خبردار ڪيو جيڪي نه صرف متضاد آهن پر پاڪستان جي مفادن لاءِ به نقصان وارا آهن.ان جو اهو مطلب نه آهي ته بيانن ۽ رپورٽن جي حوالي سان موجود اختلاف جو اظهار نه ڪيو وڃي پر ان جو اظهار بامقصد طريقي سان ماپيل توريل انداز ۾ ٿيڻ گهرجي، پرڏيهي پاليسي تي ڏنل بيانن جو انداز به پرڏيهي ملڪن تي هڪ اثر رکي ٿو، ڪنهن مسئلي تي گوڙ ڪرڻ ان جو حل نه آهي، پاڪستان لاءِ اهميت رکندڙ ڪنهن مسئلي تي ٿيندڙ فيصلي يا وري عالمي برادري جي بي ڌياني تي گوڙ ڪرڻ سان ٻين جو فيصلو تبديل نه ٿيندو، پر اهو اوهان جي مخالفن تي اوهان جي مايوسي ۽ ڪمزوري ضرور ظاهر ڪري ڇڏيندو. هر وقت شڪايتي انداز اختيار رکڻ سان اسان نه صرف پنهنجين نظرن ۾ پنهنجو مقام وڃائينداسين پر دنيا کي به پاڻ کان پري ڪري ڇڏينداسين، گوڙ صرف ۽ صرف اسان جي ڪمزورين کي ظاهر ڪندو ۽ پاڪستان جي حيثيت کي بهتر ڪرڻ لاءِ فائديمند نه ٿيندو، وڌيڪ خطرناڪ بيان اهي هوندا آهن جن ۾ اسان پاڻ کي مظلوم بنائي ۽ عالمي سازشن يا ٻين جي پاليسين کي هدف بڻائي پيش ڪريون ٿا، هتي به اها ئي ڳالهه صادق اچي ٿي ته جيتوڻيڪ اهي جذبا درست به هجن تڏهن به انهن جو عوامي سطح تي اظهار ڪرڻ بدران نجي محفلن ۾ ٿيڻ گهرجي، پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ سان خود اعتمادي جي کوٽ ظاهر ٿئي ٿي. ان ڳالهه جو به مشاهدو ڪيو ويو آهي ته اسان ۾ ماضي کي کوٽڻ ۽ ان ڳالهه جو بار بار اظهار ڪرڻ جي عادت پئجي چڪي آهي ته ڪهڙي طرح ڪنهن ٻئي ملڪ سان اسان جي لاڳاپن ۾ اسان سان خراب رويو رکيو ويو، اندروني سطح تي ٻطرفن لاڳاپن جو تجزيو ڪندي ته ائين ڪري سگهجي ٿو پر ان موضوع کي عوامي تقريرن جو حصو بڻائڻ سان ڪو به فائدو نه آهي. اهو ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ جي اهليت نه هجڻ ۽ مستقبل جي حوالي سان بامقصد سوچ جي کوٽ جي عڪاسي ڪري ٿو، عوامي سطح تي مظلوميت جي اظهار تي ٺهندڙ بيانيو نه ئي پرڏيهي لاڳاپا ٺاهڻ ۾ مددگار هوندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن شيءِ جي بحالي لاءِ عوام کي متحرڪ ڪري ٿو. مربوط، پراعتماد ۽ باوقار طريقي سان پرڏيهي پاليسي جو عوامي سطح تي اظهار اسٽيٽ ڪرافٽ جو هڪ لازمي حصو آهي، پر ان کي عوامي مقبوليت يا سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ان جي نتيجي ۾ ٻين ملڪن ۽ ادارن سان پاڪستان جا لاڳاپا داءَ تي لڳي وڃن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو