ليکڪ:علي عاجز
تڏهن آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي بنا ڪنهن نظرياتي اختلاف ۽ مت ڀيد جي سڀني شاگردن ۽ شاگرد تنظيمن جي مدد لاءِ ماحول جوڙڻ شروع ڪيو ھو پر شايد جڳديش آهوجا صاحب به سندس پارٽي جي شاگرد تنظيم سياف جي (ڪجهه اڳواڻن) جيان ان تنظيم لاءِ غيرسياسي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏي ان کان اڳ کيس آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي آئين جي اهم نقطي کان واقف ڪندو هلان ته ” ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ صدين کان سياسي، ثقافتي، اقتصادي طور خودمختيار آزاد ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال رهندڙ خطي سنڌ جي شاگردن پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ قائم ڪيل اسٽوڊنٽس يونين وانگي ڪاميٽي آهي، هي ڪاميٽي شاگردن جي اجتماعي حقن جي حاصلات لاءِ شاگرد تنظيم طور شاگرد سياست جي بنيادن تي ڪم ڪندي، ملڪ جي رائج آئين جي آرٽيڪل 17 موجب هر شھري کي مليل تنظيم سازي جي حق کي استعمال ڪندي ”آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي“سمجهي ٿي ته شاگرد به هن ملڪ جا شھري آهن. جن کي پنهنجي اڪيڊمڪ مسئلن جي حل لاءِ سياست ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي، شاگرد يونين تي لڳل بندش آئين جي ڀڃڪڙي آهي، ڇاڪاڻ مارشل لا بذات خود غيرآئيني آهي، تنهن ڪري مارشل لا جي مدي ۾ لڳايل بندش به غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي. ”آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي“ پنهنجي جدوجهد لاءِ راھه مشعل سنڌ جي انهن شاگردن کي ئي سمجهي ٿي، جن ارغون ۽ ترخان دور جي قهري ڏينھن ۾ سنڌي ٻولي جي بچاءَ لاءِ پنهنجون زبانون ته ڪٽرايون پر ڌارين حملي آورن آڏو آڻ نه مڃي، جن هر دور ۾ پنهنجي وطن ۽ قوم خاطر قرباني ڏني. پوءِ اهي 4 مارچ جا شھيد شاگرد هجن يا ٽوڙي ڦاٽڪ جا شھيد شاگرد هجن يا سنڌ يونيورسٽي جا اهي شھيد شاگرد جن کي مختلف وقتن تي شھيد ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ دنيا جو هر اهو علم جو متلاشي شخص، جيڪو پنهنجي مادر وطن ۾ تعليم جي ٻرندڙ ڏيئي کي اجهامڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجو خون ان جي تيل ۾ شامل ڪري ويو هجي“ جيڪڏهن ان هوندي به جڳديش آهوجا پسند ناپسند جي بنياد تي ڳالھه ڪرڻ تي بضد هجن ته فقط معذرت ئي ڪري سگهجي ٿي، پاڻ انتھائي نيڪ نيتي سان صلاح ڏيندي لکن ٿا ته ”نئين شاگرد جدوجهد کي ان ٻڌي ۽ ايڪي کي برقرار رکڻ لاءِ به سنجيده ۽ صبر تحمل وارو ڪردار ادا ڪرڻو آهي ته جيئن ماضيءَ جيان شاگردن تنظيمن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪا نئين حرڪت ڪامياب نه ٿئي.جيتوڻڪ موصوف پنهنجي پارٽي جي ذيلي شاگرد ونگ جي مرڪزي اڳواڻن کي به پابند ناهي ڪري سگھيو جن واري واري سان تحريڪ کي منتشر ڪرڻ، جدوجهد جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن ڪري آئون کين نيڪ روشن ڪندس ته اهو سڀني شاگرد تنظيمن کي صلاح ڏيڻ کان پهريان پنهنجي پارٽي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ذيلي شاگرد ونگ جي اڳواڻن کان پڇاڻي سان گڏوگڏ سندن تربيت جو به بندوبست ڪري، جن کي سياسي حوالي سان سنجيدگي جي سخت ضرورت آهي. آخر ۾ آئون فقط مولانا ابوالڪلام جي هڪڙي ڳالهھ بيان ڪندس ته هڪ رات کاڌو کائڻ جي وقت منهنجي والدہ ٻوڙ ۽ سڙيل ماني منهنجي والد جي اڳيان اچي رکي مان والد جي ردِعمل جو انتظار ڪندو رهيس ته شايد هو غصي جو اظهار ڪندو پر هن انتهائي سڪون سان ماني کاڌي ۽ گڏوگڏ مون کان پڇيو ته اڄ اسڪول ۾ منهنجو ڏينهن ڪيئن گذريو مون کي ياد ناهي ته مان ڇا جواب ڏنو . پراُن دوران منهنجي والدہ ماني سڙي وڃڻ تي معذرت ڪئي. منهنجي والد چيو ڪا ڳالهھ ناهي پر مون کي ته اها ماني کائي مزو آيو . اُن رات جڏھن مان پنهنجي والد کي شب بخير چوڻ هن جي ڪمري ۾ ويس ته کائنس ان باري ۾ پڇيو ته ڇا سچ پچ اوهان کي سڙيل ماني کائي مزو آيو؟ پاڻ پيار سان مون کي جواب ڏيندي چيو پٽ هڪ سڙيل ماني ڪوبه وڏو نقصان نٿي ڪري پر تلخ ردعمل ۽ بد زباني انسان جي جذبن کي مجروح ڪري ٿي ڇڏي ، منهنجا ٻچا هيءُ دنيا بيشمار ناپسنديده شين ۽ ماڻھن سان ڀري پئي آهي ، مان به ڪو بهترين يا مڪمل انسان ناهيان ۽ مان اهو سمجهان ٿو ته اسان جي ڀرپاسي جي ماڻھن کان به غلطي ٿي سگهي ٿي هڪٻئي جي غلطين کي درگزر ڪرڻ، رشتن کي خوش اسلوبي سان نڀائڻ اعليٰ ظرفي جو مظاهرو ڪرڻ ئي لاڳاپن ۾ بھتري جو سبب بڻجي ٿو. اسان جي زندگي ايتري ته مختصر آهي جو ان ۾ معذرت ۽ پڇتاءُ جي ڪا گنجائش نه هجڻ گهرجي“ تنهن ڪري آئون اهو چوندس ته خاص طور تي شاگرد سياست جي معاملن کي خوش اسلوبي سان نڀائجي ته جيئن شاگردن ۾ سياسي رواداري هڪ ٻئي لاءِ سهپ ۽ جمهوري قدرن جا مضبوط مثال قائم ٿي سگهن.
——————————————(پورو ٿيو)