164

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب ڏڪار جو خدشو، وفاق فوري نوٽيس وٺي

ايڊيٽوريل

سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڏڪار جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ ۾ صرف 10 ڏينهن جا پاڻي ذخيرا رهجي ويا آهن ۽ موسميات کاتي به سنڌ جي 10 ضلعن ۾ سوڪهڙي سبب وڏي نقصان جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن برساتون نه پيون ته زراعت ۽ انساني ضرورت لاءِ به پاڻي نه ملي سگهندو، پاڻي جي سخت کوٽ سبب ڪراچي سميت سنڌ جا ٻيا ضلعا متاثر ٿيندا، صوبائي وزير پاڻي جي کوٽ جو ذميوار ارسا کي قرار ڏنو آهي ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تنبيهه ڪئي آهي ته اها نفرتون پکيڙڻ کان پاسو ڪري، سهيل انور سيال بلوچستان حڪومت جي بيان جي ردعمل ۾ چيو آهي ته سنڌ وٽ پاڻي نه هوندو ته بلوچستان کي پاڻي ڪيئن ڏينداسين، وفاق جي نااهلي جي سزا سنڌ ۽ بلوچستان ڀوڳي رهيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته  سنڌ حڪومت گذريل 5 مهينن کان پاڻي جي ورهاست ۾ ناجائزي ۽ کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي، رڳو سنڌ حڪومت نه پر سنڌ جا هاري، آبادگار، سماجي اڳواڻ، سول سوسائٽي سڀ پاڻي واري اهم معاملي تي هڪ پيج تي آهن ۽ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ ٿي رهيا آهن پر بدقسمتي سان وفاق جي سنڌ تي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي احتجاج تي اک ئي نٿي ٻڏي، ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته ارسا جو هڪ بااثر چيئرمين صوبي جي 7 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جو پاڻي بند ڪيو ويٺو آهي ۽ هو مسلسل ناجائزي ڪري صوبن جي وچ ۾ طئه ٿيل ٺاهن کي پٺي ڏيندي پنجاب کي مسلسل طاقت جي زور تي منع ڪيل ڪئنال وهائڻ جي به اجازت ڏئي رهيو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ظلم اهو آهي ته ان سڄي غيرقانوني، غير اخلاقي، غير سماجي ۽ غير انساني عمل تي وزيراعظم سميت سڄي ڪابينا خاموشيءَ جو روزو رکي ويٺي آهي ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هاڻ زرعي مقصد ته پري جي ڳالهه ماڻهن ۽ جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي نه بچيو آهي، صوبائي وزير سهيل انور سيال حقيقتون سامهون رکي ڄڻ ته خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي، هن وقت صوبي ۾ رڳو 10 ڏينهن جو پاڻي اسٽاڪ ٿيل آهي، جيڪڏهن وفاق ۽ ارسا تڪڙي اک نه کولي ته هتي انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ سان ان سموري ناجائزي جو ذميوار جتي ارسا چيئرمين آهي اتي وفاقي حڪومت پڻ برابر جي ذميوار آهي، ڇو ته  وزيراعظم جي اها آئيني ذميواري آهي ته اهو پاڻي جي ورڇ تي صوبن سان ناانصافي ختم ڪرائي پر سنڌ سان وزيراعظم جو ڪجهه وڌيڪ ئي پيار آهي، جو هو صوبي جي ڪنهن به معاملي تي 7 ڪروڙ ماڻهن سان ٿيندڙ ناجائزين تي مڪمل خاموش بڻيل آهي ۽ ارسا جي چيئرمين کي هن مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا آهن ته سنڌ جي ماڻهن کي اڃو ماريو وڃي، اسان سمجهون ٿا ته هيءُ ايترو آسان معاملو نه آهي، پاڻي جياپي جو مسئلو آهي جيڪڏهن اهو منصفاڻي طريقي سان حل نٿو ٿئي ته ان جا اثر يقينن خراب نڪرندا، ڇو ته 7 ڪروڙ ماڻهو جڏهن اهڙي ناجائزي خلاف منظم طريقي سان رستن تي نڪري آيا ته پوءِ صورتحال ٻي هوندي، اسان سمجهون ٿا ته پاڻي جي معاملي تي نفرتن کي وڌائڻ بدران انصاف تي ٻڌل ورڇ ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي کنيل واڌو پاڻي سميت صوبي کي وڌيڪ پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن ٿيل نقصان جو ازالو ٿي سگهي، اميد آهي ته وزيراعظم هن معاملي کي سياسي نه پر انساني بنيادن تي ڏسندو ۽ حل ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو