183

صدر پاران ننڍي کنڊ جي ناليواري اداڪار دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ننڍي کنڊ جي ناليواري اداڪار دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم هڪ بهترين اداڪار هو، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري اداڪار دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، صدر چيو ته مرحوم بهترين اداڪار، هڪ عاجز انسان ۽ هڪ عظيم شخص هو، صدر مرحوم جي پوئينرن ۽ چاهيندڙن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو