اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي جمعي تي ٿيندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ڪميٽي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي جي پاڪستان ۽ خطي تي اثرن ۽ اهم ملڪن سان مجموعي لاڳاپن تي بريفنگ شامل آهي. ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان جي صدارت ۾ اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن جي اجازت سان اجلاس ۾ ٻيا معاملا به غور هيٺ آڻي سگهجن ٿا، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ جو اجلاس ٿيڻ جي صورت ۾ پرڏيهي معاملن بابت اسٽيندنگ ڪميٽي جو اجلاس ٻنپهرن جو اڍائي وڳي ٿيندو.
198