213

ضلعي ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي: ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ

سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ضلعي ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن سانگھڙ جي عوام کي ڪورونا جھڙي موذي مرض کان محفوظ بڻائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه سندس آفيس ۾ صحت کاتي ۽ روينيو عملدارن سان گڏجاڻي ڪندي اھڙن خيالن جو اظھار ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته مقرر ڪيل ٽارگٽ مطابق روزانو جي بنياد تي ڪيمپون قائم ڪري ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائي وڃي ۽ ويڪسين جي ڪم کي تيز ڪيو وڃي. انھي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا رورل ھيلٿ سينٽر جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪثر ديال داس پاران سست رفتاري سان ڪم ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته ڪنهن به صورت ويڪسين جي ڪم ۾ ڪوتاھي ۽ سستي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ڪوتاھي ڪندڙ عملي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا صحت کاتي جي عملدارن تي زور ڀريو ته اهي ڪورونا ويڪسين ڪرائڻ جي حوالي سان عوام کي قائل ڪن ۽ ڳوٺن ۾ ويڪسين ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙي ڳوٺاڻن کي ويڪسين ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ جو واحد حل ويڪسين آهي تنهن ڪري عوام کي گهرجي ته ويڪسين ڪرائي پنهنجو پاڻ کي ڪورونا کان محفوظ بڻائي جنهن سان معمول واري زندگي بحال ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو