174

فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني پورهيتن جي موڪليل ناڻي ۾ 78.4 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فرانس ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن جي موڪليل ناڻي ۾ گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ 78.4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي . اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب جولائي 2020 مئي کان وٺي 2021 تائين فرانس ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن 379.4 ملين ڊالر ملڪ موڪليو  جيڪي گذريل مالي سال جي انهي عرصي مقابلي ۾ 78.4 سيڪڙو وڌيڪ  آهي  جڏهن ته مالي سال 2020 جي انهي عرصي ۾ فرانس ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 212.6 ملين ڊالر  ملڪ موڪليا هيا مئي 2021 ۾ فرانس ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 37.8 ملين ڊالر ملڪ موڪليا هيا جيڪي مئي 2020 جي مقابلي ۾ 94.84 سيڪڙو وڌيڪ آهي مئي 2020 ۾ فرانس ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 19.4 ملين ڊالر ملڪ موڪليا هيا موجوده حڪومت پاران قانوني ۽ بينڪ ذريعي موڪليل رقم   سهولتن . ترغيبن ۽ قدمن جي بدولت گذريل مالي سال جي 11 مهينن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي موڪليل ناڻي ۾ 29.4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو