232

قيمتي پٿرن، زيورن ۽ معدنيات جي شعبي کي برآمدي صنعت بڻايون پيا: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ 72 سالن ۾ پهريون ڀيرو قيمتي پٿرن، زيورن ۽ معدنيات جي شعبي کي برآمدي صنعت ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جميز، جيولري ۽ منرلز ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير خسرو بختيار، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، جيمز، اينڊ جيولري ٽاسڪ فورس جي چيئرمين انجنيئر گل اصرار خان، عاطف خان، ٽاسڪ فورس جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٽاسڪ فورس جي جيمز، جيولري ۽ منرلز شعبي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڄاڻايل منرل سٽي تي سفارشون پيش ڪيون ويون، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ قيمتي پٿرن جو روانگي واپار جي حوالي سان 5 ارب ڊالر جي ساليانو جي صلاحيت موجود آهي، جنهن سان گڏوگڏ ملڪي معيشت تي مثبت اثر ۽ لکين نوڪريون پيدا ٿينديون، پاڪستان ۾ هن وقت 99 قسمن جي قيمتي پٿرن جا ذخيرا موجود آهن ۽ ان شعبي ۾ پيداوار جي حوالي سان پاڪستان دنيا ۾ 8 وڏو ملڪ آهي، وڌيڪ اهو ته محتاط اندازي موجب پاڪستان ۾ ساليانو 200 ٽن سون جي کپت آهي، ان شعبي ۾ لاڳاپيل موثر قانونسازي ۽ بهتر انتظام سان ان کي هڪ وڏي برآمدي صنعت ۾ تبديل ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جيمز اينڊ جيولريز کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ ٽاسڪ فورس جي لائحه عمل موجب ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. روانگي واپار کي وڌائڻ لاءِ ايڪسپورٽ پروموشن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو جنهن جي لاءِ پاڪستاني سفارتخانن کان به مدد ورتي ويندي. ان کانسواءِ جيمز اينڊ جيولريز سٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، جتي وسيلن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ، شعبي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن کي مراعتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو