124

پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، موجوده حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته ملڪ معاشي بحران جو شڪار هو، معيشت تي تمام گهڻو قرضن جو بار هو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 بلين ڊالر هو، ٽن سالن ۾ اسان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻڙي ڪيو، معاشي رخ درست ڪيو، صنعتن ۽ زراعت کي بحال ڪيو، گاڏين جون قيمتون گهٽ ڪيون پيون وڃن، چونڊ سڌارن تي مخالف ڌر جي تجويزن جو انتظار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن  صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ گذريل سال ڪڻڪ، مڪئي، چانور ۽ ڪمند جي پيدوار ۾ چڱو خاصو اضافو ٿيو، اسان قرضن جي صورتحال کي بهتر بڻايو، روزمره استعمال جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسان گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، نئين آٽو پاليسي ۾ هيٺين طبقي جي مسئلن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، هن چيو ته جيڪو ماڻهو پهريون ڀيرو گاڏي خريد ڪري رهيو آهي ان لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون، نوجوانن لاءِ به گاڏين جي اسڪيم آندي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ موڪل تي آهي، سومر تي هو پنهنجي آفيس واپس اچي ويندو. هڪ ٻي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم فلور آف دي هائوس تي مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي، ٻه ڪميٽيون آهن، هڪ ۾ اسيمبلي مان پاس ٿيل قانونسازي تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته اليڪٽورل ريفارمز بل کي واپس آندو وڃي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ٻيهر بحث شروع ٿئي، هن چيو ته ٻي ڪميٽي ۾ اليڪٽورل ريفارمز تي ڳالهه ٿيڻي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو