193

حڪومت عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڊيمز ٺاهي رهي آهي: فرخ حبيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف صاحب، هي اهو ئي فيصل آباد آهي جنهن کي ن ليگ ٽيڪسٽائيل جو قبرستان بڻائي وئي هئي، اڄ فيصل آباد ٽيڪسٽائيل ۽ ان سان ڳنڍيل صنعتون هلي رهيون آهن، بجلي جي مهانگي منصوبن جي ڪري 2023ع تائين 1500 ارب جي ڪيپيسٽي چارجز ادا ڪرڻا پوندا، حڪومت عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڊيمز ٺاهي رهي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب شهباز شريف جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ گذريل سال 6 روپيا في يونٽ جي سولر آءِ پي پي ٽيرف معاهدا ڪيا ويا آهن، عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ فيصلن سان ملڪ ترقي ۽ عوام خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام لانچ ڪيو پيو وڃي، احساس پروگرام جي ذريعي پيڙهيل طبقن جي خدمت ڪري رهيا آهيون، احساس پروگرام جي لاءِ هلندڙ سال 260 ارب ورهايا ويندا. هن چيو ته حڪومت جو ڌيان فوڊ سيڪيورٽي تي آهي، هنگامي نوعيت جا قدم کنيا پيا وڃن، گذريل مالي سال جي دوران آبادگارن کي 1100 ارب اضافي ڏنا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو