اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ چين سدا بهار اسٽيٽجڪ ڪوآپريٽو شراڪتداري خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو بنيادي ذريعو بڻجي چڪي آهي، ستن ڏهاڪن جو اسان جو اهو سفر عظيم يڪجهتي، اونهي ۽ گڏيل اعتماد ۽ هم آهنگيءَ سان سلهاڙيل آهي. اسان جي پختي عزم سان سي پيڪ تي اڳڀرائي، تعمير هيٺ منصوبن جي وقت سر تڪميل کي جاري ڪرڻ ۽ معاشي سماجي ترقيءَ تي ڌيان آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان چين 70 سال هڪ منفرد ٻه طرفي شراڪتداريءَ جي حوالي سان اعليٰ سطحي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين تهذيبي شراڪتدار آهن، اسان جي تاريخي ناتا قديم شاهراهه ريشم جي دؤر کان آهن، 7 ڏهاڪن جو اسان جو اهو سفر عظيم يڪجهتي، اونهي ۽ گڏيل اعتماد ۽ هم آهنگيءَ سان سلهاڙيل آهي. اسان اهم مفادن جي معاملي تي هڪٻئي جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان هميشه چائينا پاليسي، چين جي وحدت جي پاليسيءَ کي بالادست ۽ مقدم رکيو آهي، جڏهن ته تائيوان، تبت، سنڪيانگ، هانگ ڪانگ ۽ ڏکڻ چين جي سامونڊي معاملي تي چين جي حمايت آهي. چين اسان جو اهم اسٽريٽجڪ، معاشي ۽ ترقياتي ترجيحات ۾ شامل آهي ۽ چين هميشه اسان سان هر معاملن ۾ گڏ بيٺل رهيو آهي، پنهنجي اصولي ۽ منصفاڻي مؤقف کي برقرار رکندي چين ڄمون ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي صدا بهار اسٽريٽجڪ شراڪتداري خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو هڪ بنيادي ذريعو بڻجي چڪي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪورونا وبا پکڙجڻ بعد چين جي ڪورونا خلاف جنگ ۾ مدد لاءِ پاڪستان فوري طور طبي سامان چين روانو ڪيو. اهڙيءَ طرح ڪورونا وبا جي روڪٿام لاءِ چين طبي امداد جي سامان سان ڀريل 60 کان وڌيڪ جهاز اسان کي فراهم ڪيا. هن چيو ته اسان واپاري بنيادي تي به ويڪسين حاصل ڪري رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ صحت جي قومي اداري چين جي مدد سان پاڪ- ويڪ ويڪسين جي مقامي سطح تي تياري ۽ پيداوار جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو ڌيان جيو پاليٽڪس کان جيو اڪنامڪس جي طرف تبديل ٿي چڪو آهي، اسان ترقياتي شراڪتداري، رابطن ذريعي ۽ علائقائي امن وسيلي پاڪستان کي هڪ ترقيءَ طرف گامزن ۽ معاشي طور مضبوط ۽ فعال ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا. بي آر آءِ جي مثالي ۽ هر اول منصوبي طور سي پيڪ اسان جي جيو اڪنامڪس جي ترجيحات ۾ معاون ۽ مددگار آهي. هن چيو ته پهرئين مرحلي ۾ سي پيڪ انفراسٽرڪچر ڍانچي جي ترقي، معاشي اؤسر واري شرح ۽ ترقيءَ کي پروان چاڙهڻ لاءِ توانائيءَ جي اسان جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ٻئي مرحلي ۾ اسان جو ڌيان صنعتي عمل کي هٿي وٺرائڻ، زرعي سهڪار، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ تي ڌيان کتل آهي. سي پيڪ منصوبن ۾ بي پناهه ترقي پاڪستان ۽ چين جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي. هن چيو ته مختصر مُدي ۾ اسان 19 منصوبا مڪمل ڪيا ۽ 28 تي تعميري عمل جاري آهي. ان کان علاوه 41 منصوبا پائيپ لائن ۾ آهن. گذريل 70 سالن ۾ سي پيڪ جي توانائي ۽ موٽر ويز جي رٿائن 70 هزار نوڪريون پيدا ڪيون آهن. ڪورونا وبا باوجود سي پيڪ اعليٰ ترين معيار جي ترقيءَ جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ اسان ٽن خاص اقتصادي زونز کي ترجيح ڏني آهي، اسان سمورن ملڪن جي واپاري برادريءَ کي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ تي آجيان ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته سفارتي ناتن جي قائم ٿيڻ جا 70 سال مڪمل ٿيڻ هڪ اهم موقعو آهي، هي وقت آهي ته اسان عزم جي ورجاءَ سان گذريل 7 ڏهاڪن ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين کي ملهايون ۽ هڪ نئين جذبي سان انهن کي اڃا اڳيان وڌايون. مون کي يقين آهي ته منهنجو هي بيان پاڪستان جي اُمنگن جو اظهار آهي ته اسان مستقبل ۾ اسان چين سان ڊگهي مُدي ۽ برادرن ناتن کي هٿي وٺرائڻ جا منتظر آهيون جيڪي نه رڳو اسان جي ٻنهي ملڪن جي بهترين مفادن ۾ آهن پر ان سان علائقي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي به يقينن ٿيندي.
111