اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 لک 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائي وئي آهي. نيشنل سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت وزارت هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هاڻي تائين ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 82 لک 28235 ماڻهن کي ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾ 4 لک 12 هزار 249 ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان تحفظ جي ويڪسين لڳائي وئي آهي. ٽوئيٽر ۾ جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 46287 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 1517 ماڻهن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙيءَ طرح گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ٽيسٽن جي هاڪاري شرح 3.27 سيڪڙو رهي.
115