186

سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي مختلف شاهراهن کي خوبصورت بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي جي مختلف شاهراهن کي خوبصورت بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت آءِ آءِ چندريڳڙ روڊ کي خوبصورت بڻائيندي، سنڌ سرڪار جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب کارادر وزير مينشن، اولڊ سٽي ايريا، ٽاور ۽ آئي آئي چندريڳڙ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته مون سون برسات کان فوري بعد آئي آئي چندريڳڙ روڊ جي بيوٽيفڪيشن جو ڪم شروع ڪيو ويندو. آئي آئي چندريڳڙ  روڊ جي ڀرپاسي سيوريج جو نظام به درست ڪيو ويندو. هن چيو ته کارادر ۾ وزيرمينشن جي ڀرپاسي سيوريج جو مسئلو حل ٿي چڪو آهي. وزير مينشن جي آس پاس ترقياتي ڪم به مڪمل ٿي چڪا آهن. پي پي پي جي سنڌ حڪومت جو ترقي جوسفر جاري آهي. سنڌ سرڪار جي ترجمان چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي شهرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. ان موقعي تي ڪي ڊي اي جا آفيسر ۽ پارٽي اڳواڻ ان سان گڏ هئا. ان کان اڳ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڊي جي ڏکڻ جاويد اڪبر رياض ۽ ايس ايس پي ڏکڻ زبير نويد شيخ، ايس پي صدر زاهده پروين سان گڏ جديد طرز جي رپورٽنگ روم جو افتتاح ڪيو.ان موقعي تي هن چيو ته جديد رپورٽنگ روم سان عوام کي فائدو حاصل ٿيندو. اسان ڪراچي جي مختلف ٿاڻن ۾ رپورٽنگ روم کي جديد بڻائينداسين. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب کي ڏکڻ ضلعي ۾ ڪرائم ڪنٽرول ۽ ٻين معاملن تي ڊي آئي جي سائوٿ پڻ بريفنگ ڏني، ترجمان سنڌ سرڪار پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته اسان کي سنڌ پوليس جي جوانن تي فخر آهي. جيڪي جان جي قرباني ڏيندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو