148

افغانستان ۾ ديرپا امن لاءِ ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ ديرپا امن لاءِ ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي، آمريڪا امن ڳالهين ۾ ويهي يا نه ويهي افغانين کي ان ۾ ويهڻو آهي. افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته افغان تڪرار صرف ڳالهين سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو. پنهنجي مستقبل جو فيصلو افغانين کي ڪرڻو آهي، افغان حڪومت ۽ طالبان گڏجي ڪري پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪن ته انهن کي ڪهڙي قسم جو افغانستان ۽ جمهوريت گُهرجي، امن جي رستي ۾ افغانستان جي بقا آهي، منهنجي پهرئين ڏينهن کان خواهش آهي ته هو پاڻ ۾ گڏجي ويهن ۽ پنهنجا معاملا حل ڪن. آمريڪي ڪردار جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته سڀ کان اهم ذميواري افغان اڳواڻن يا طالبان اڳواڻن جي آهي، افغان عوام امن چاهي ٿو، طالبان کي به اهو سوچڻ گهرجي ته هو دنيا سان لاتعلق نٿا رهي سگهن، جيڪڏهن انهن کي دنيا ۾ پنهنجي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته انهن کي مين اسٽريم ۾ انگيج ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن انهن کي دنيا سان ڳنڍڻو آهي ته پوءِ انهن کي تشدد جو رستو ڇڏي امن جي رستي کي اختيار ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان صرف راءِ ڏئي سگهون ٿا فيصلو نٿا ڪري سگهون، فيصلو انهن کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته اميد آهي ته طالبان جلد امن تجويزون پيش ڪندا، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته اها هڪ سٺي پيش رفت هوندي، منهنجي خيال ۾ دوحه ڳالهين ۾ به پُراُميد جهلڪ نظر اچي رهي آهي، ڪابه طاقت عوام جي راءِ جي سامهون نٿي بيهي سگهي. عام راءِ کي هموار ڪرڻو پوندو آهي، افغان ڌڙن جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته افغان تڪرار جي ديرپا حل لاءِ سڀني افغان ڌُرين کي گڏجي ويهڻو پوندو، اسان سڀني افغان ڌڙن سان رابطو ڪيو ۽ سڀني کي ڳنڍيو، اسان جو ڪوبه فيورٽ ناهي ۽ نه ئي اسان جو ڪنهن جي طرف ڪو خاص جهڪاءُ آهي. هن چيو ته جيڪو فيصلو افغان عوام ڪندي اهو قبول ڪنداسين ۽ سهڪار پڻ ڪنداسين. اسان افغانستان ۾ امن ۽ خوشحالي چاهيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو