186

لاهور هاءِ ڪورٽ خواجه آصف جي ضمانت جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت قرار ڏنو آهي ته خواجه آصف خلاف اڃا تائين ريفرنس داخل نه ڪيو ويو، ڪنهن جوابدار کي اڻڄاتل مُدي لاءِ جيل ۾ نٿو رکي سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليه نيلم ۽ جسٽس شهباز رضوي تي ٻَڌل 2 رڪني بينچ خواجه آصف جي ضمانت جو 18 صفحن تي ٻَڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته خواجه آصف خلاف اڃا تائين ريفرنس داخل ناهي ڪيو ويو. نيب مطابق ليگي اڳواڻ خلاف جاچ جاري آهي، جڏهن ته ريفرنس به منظوريءَ لاءِ موڪليو ويو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته خواجه آصف جي وڪيل مطابق خواجه آصف کان پُڇاڳاڇا مڪمل ٿي چڪي آهي، ڪابه ريڪوري ناهي ٿي، ان ڪري عدالت خواجه آصف جي ضمانت منظور ڪري، ان جي آزاديءَ جو حڪم ڏئي. واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 23 جون تي ناجائز اثاثن واري ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه آصف جي درخواست منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏي جنهن جو تحريري فيصلو گذريل ڏينهن جاري ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو