ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 16 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 1075 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 505 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17959 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 1075 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 6 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 16 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 5552 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 4614449 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 343286 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 505 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 315883 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 92 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 21851 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 20102 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 684 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 65 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 632 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 52 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 1075 ڪوويڊ ڪيسن مان 846 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. سنڌ جي ضلعن جا انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ اوڀر ڪراچيءَ مان 289، ڪراچي ڏکڻ 201، ڪراچي سينٽرل 156، ڪورنگي 88، ڪراچي اولھھ 61، ملير 51، حيدرآباد 29، سکر 26، قمبر 16، ٺٽو 14، ڄامشورو، نوابشاھھ ۽ سانگھڙ 12-12، بدين ۽ سجاول 11-11، دادو 9، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الھيار ۽ نوشھروفيرو 8-8، مٽياري ۽ عمرڪوٽ 7-7، جيڪب آباد ۽ گھوٽڪي ھڪ ھڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي.
167