ليکڪ: ريحان فضل
دليپ ڪمار 6 ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ رڳو 63 فلمون ڪيون پر هن انڊين سئنيما ۾ اداڪاري جي فن کي هڪ نئين تعريف ۽ نئين معنويت ڏني، هڪ دور ۾ دليپ ڪمار انڊيا جي بهترين فٽبال رانديگر ٿيڻ جا خواب ڏسندو هو، هن سان گڏ خالسا ڪاليج ۾ تعليم وٺندڙ راج ڪپور جڏهن پارسي چوڪرين سان فلرٽ ڪندو هو ته ٽانگي جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل شرميلو دليپ ڪمار ڪڏهن ڪڏهن رڳو ان طرف نگاهه کڻي ڇڏيندو هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هڪ ڏينهن اهو شخص انڊيا جي شوقينن کي خاموشي جي زبان سيکاري ۽ هن جي هڪ نظر اهو سڀ ڪجهه چئي ويندي جيڪو ڪئين صفحن تي ٻڌل مڪالما به ادا نه ڪري سگهن، دليپ ڪمار، راج ڪپور ۽ ديو آنند انڊين فلم انڊسٽري جو مثلث چيو وڃي ٿو، پر جيترا به گهڻا رخ دليپ ڪمار جي اداڪاري ۾ هئا شايد انهن ٻنهي جي اداڪاري ۾ نه هئا، جيڪڏهن راج ڪپور چارلي چپلن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي رکيو ته ديو آنند گريگوري پيڪ جي مهذب انداز واري مسحور ڪندڙ شخص جي شبيهه کان ٻاهر ئي نه اچي سگهيو، دليپ ڪمار جا انداز ۽ رعب سان فلم مغل اعظم ۾ شهزادي جو ڪردار ادا ڪيو ايترو ئي انصاف هن گنگا جمنا ۾ هڪ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي نوجوان جي ڪردار کي ادا ڪرڻ ۾ ڪيو، پنهنجي زماني جي مشهور اداڪارا ۽ فلمساز ديويڪا راڻي سان هڪ غير متوقع ملاقات دليپ ڪمار جي زندگي کي تبديل ڪري ڇڏيو هو، 1940ع واري ڏهاڪي ۾ جيتوڻيڪ ديويڪا راڻي هندستاني فلمي صنعت جو هڪ وڏو نالو هئي پر ان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو پشاور جي ميون جي واپاري جي پٽ يوسف خان کي دليپ ڪمار بڻائڻ هو. بمبئي ٽاڪيز ۾ ڪنهن فلم جي شوٽنگ ڏسڻ لاءِ ويل خوبصورت نوجوان يوسف خان کان ديويڪا راڻي پڇيو ته ڇا توکي اردو اچي ٿي؟ جيئن ئي يوسف ها ۾ ڪنڌ لوڏيو هن ٻيو سوال ڪيو ڇا اوهان اداڪار ٿيڻ پسند ڪندئو؟ ۽ پوءِ اڳتي جي ڪهاڻي هڪ تاريخ آهي. ديويڪا راڻي جو خيال هو ته رومانٽڪ هيرو تي يوسف خان جو نالو نه جچندو، ان وقت بمبئي ٽاڪيز ۾ ڪم ڪندڙ نريندر شرما جيڪو پوءِ هندي جو هڪ وڏو شاعر ٿيو هن 3 نالا تجويز ڪيا، جهانگير، واسو ديو ۽ دليپ ڪمار، يوسف خان پنهنجو نالو دليپ ڪمار جي طور تي پاڻ چونڊيو، ان جي پويان هڪ سبب اهو به هو ته ان نالي جي ڪري سندس پراڻن خيالن واري والد کي ان جي حقيقي پيشي بابت خبر نٿي پئجي سگهي، فلم ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن بابت سندس والد جي راءِ سٺي نه هئي ۽ هو کين نوٽنڪي وارو چئي کين مذاق اڏائيندو هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پنهنجي پوري ڪيريئر دليپ ڪمار رڳو هڪ ڀيرو ڪو مسلم ڪردار ادا ڪيو ۽ اهو به آصف جي مغل اعظم ۾ شهزادي سليم جو ڪردار، 6 ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ دليپ ڪمار مجموعي طور تي 63 فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ هر ڪردار هن ۾ پاڻ کي مڪمل غرق ڪري ڇڏيو. ڪوهه نور فلم جي هڪ گيت ۾ ستار وڄائڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ دليپ ڪمار سالن تائين استاد عبدالحليم جعفر خان کان ستار وڄائڻ سکي، بي بي سي سان ڳالهائيندي هڪ ڀيرو دليپ ڪمار چيو هو ته صرف ستار کي کڻي رکڻو آهي اها ڳالهه سکڻ ۾ مون سالن تائين ستار وڄائڻ جي تربيت ورتي، ايستائين جو ستار جي تارن ۾ منهنجون آڱريون به ڪٽجي ويون هيون.اهڙي طرح فلم نئين دور جي شوٽنگ لاءِ هن ٽانگو هلائيندڙن کان ٽانگي هلائڻ جي باقاعده تربيت ورتي، اهو ئي سبب هو جو مشهور فلم هدايتڪار ستيجيت ري کيس عظيم ترين ميٿڊ ايڪٽر جو خطاب ڏنو هو. جيتوڻيڪ هن ڪيترين ئي اداڪارائن سان ڪم ڪيو پر ان جي سڀ کان مشهور جوڙي مڌو بالا سان ٺهي ۽ ان سان کيس محبت ٿي وئي، دليپ ڪمار پنهنجي آتم ڪٿا ۾ اهو اعتراف ڪيو آهي ته هو مڌو بالا تي مرندو هو، هڪ فنڪار ۽ هڪ عورت ٻنهي جي حيثيت هئي، دليپ جو چوڻ آهي ته مڌو بالا هڪ انتهائي زندهه دل ۽ ڦڙتيلي عورت هئي، جنهن کي مون جهڙي شرميلي ۽ ڳڻتي ڪرڻ واري انسان سان ڳالهائيندي ڪا به پريشاني نه ٿيندي هئي، پر مڌو بالا جي پيءُ جي ڪري محبت جي اها ڪهاڻي گهڻن ڏينهن تائين نه هلي سگهي، مڌو بالا جي ننڍي ڀيڻ مڌور ڀوشن ياد ڪندي چوي ٿي ته بابا کي لڳندو هو ته دليپ ان کان عمر ۾ وڏو آهي جيتوڻيڪ هو ٻئي هڪٻئي لاءِ ٺهيا هئا. هي هڪ انتهائي خوبصورت جوڙو هو، پر بابا چوندو هو ته رهڻ ڏيو، اهو صحيح رستو نه آهي، پر مڌو ان جي نه ٻڌندي هئي ۽ چوندي هئي ته هوءَ ان سان محبت ڪري ٿي، پر جڏهن نيا دور فلم بابت بي آر چوپڙا سان عدالتي معاملو ٿيو ته منهنجي والد ۽ دليپ صاحب جي وچ ۾ ڏار پيا، عدالت ۾ انهن جي وچ ۾ هڪ سوديبازي به ٿي هئي، دليپ صاحب چيو ته اچ اسان شادي ڪري وٺون، ان تي مڌو بالا چيو ته اسان شادي ضرور ڪنداسين پر اوهان پهريان منهنجي والد کان معافي وٺو، پر دليپ ڪمار ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ايستائين جو هن اهو به چيو ته گهر ۾ ئي ان سان ڀاڪر پائي وٺو پر دليپ ڪمار ان تي به راضي نه ٿيو ۽ اتان کان انهن ٻنهي جو بريڪ اپ ٿي ويو، فلم مغل اعظم جي شوٽنگ دوران صورتحال ان حد تائين پهچي وئي جو ٻئي هڪٻئي سان ڳالهائيندا به نه هئا، مغل اعظم جو اهو ڪلاسڪ رومانٽڪ منظر ان وقت فلم بند ڪيو ويو جڏهن مڌو بالا ۽ دليپ ڪمار هڪٻئي کي عوامي سطح تي سڃاڻڻ به ڇڏي ڏنو هو. دليپ ڪمار جي سائره بانو سان شادي بعد جڏهن مڌو بالا تمام گهڻو بيمار هئي ته هن دليپ ڪمار کي پيغام موڪليو ته هو ساڻس ملڻ چاهي ٿي ۽ جڏهن دليپ ڪمار ان سان ملڻ ويو ته هوءَ انتهائي ڪمزور هئي. دليپ ڪمار اهو ڏسي انتهائي پريشان ٿيو ۽ سدائين مسڪرائيندڙ مڌو بالا جي لبن تي ان ڏينهن انتهائي ڏکيائي سان هڪ ڦڪي مرڪ تري آئي. دليپ ڪمار جي اکين ۾ ڏسندي مڌو بالا چيو اسان جي شهزادي کي ان جي شهزادي ملي وئي آهي، آئون تمام گهڻو خوش آهيان. مڌو بالا 23 فيبروري 1969ع تي 35 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. مغل اعظم کانپوءِ جنهن فلم ۾ دليپ ڪمار جي سڀ کان گهڻي تعريف ٿي اها گنگا جمنا هئي، اميتاڀ بچن اعتراف ڪيو آهي ته جڏهن هو الهه آباد ۾ پڙهي رهيو هو ته هن اها فلم ان ڪري هر هر ڏٺي ته جنهن پٺاڻ جو اتر پرديش سان پري پري جو ڪو رابطو نه هو اهو اتان جي ٻولي کي ايتري ڪمال درجي سان ڪيئن ٿي ڳالهائي سگهيو. بعد ۾ انهن ٻنهي رميش سپي جي فلم شڪتي ۾ گڏ ڪم ڪيو، شڪتي ڏسڻ کانپوءِ راج ڪپور دليپ ڪمار کي بنگلور مان فون ڪيو ۽ چيو ته لاڏا اڄ فيصلو ٿي ويو ته تون اڄ تائين جو سڀ کان عظيم فنڪار آهين.