127

2023ع جون چونڊون ڪهڙي پارٽي کٽيندي..؟؟

ليکڪ: محمد بخش لوهاراڻي

منهنجي خيال ۾ 2023 ۾ ٿيندڙ جنرل اليڪشن ملڪ جي تاريخ جي مشڪل ترين چونڊ ھوندي، ڇو ته 2018 ع کان 2023 ع تائين سڀ ڪجهھ تبديل ٿي چڪو ھوندو، ان دوران سڄڻ دشمن ٿي چڪا ھوندا ۽ دشمن سڄڻن ۾ تبديل ٿي چڪا ھوندا، ھڪ ڪڙي حقيقت کي به تسليم ڪرڻو پوندو ته پاڪستان ۾ جنرل اليڪشن ۾ بيلٽ باڪس کان وڌيڪ اهميت ھوائن جي رخ جي آهي، ڪھڙي چونڊ ۾ ڪنهن جي حق ۾ ھوائون ھلن ٿيون اھو سلسلو گهڻو وقت اڳ شروع ٿي عمران خان تائين پھتو آهي ۽ اڳيان به ساڳيو سفر جاري رھڻ جا امڪان ڏسجن ٿا، 1970ع کان پاڪستان ۾ عام چونڊن جي  شروعات ٿي آهي، 70ع واري چونڊ ۾ جيتوڻيڪ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀرپور عوامي سپورٽ هئي ۽ اصل طاقتن بنگالين کي ڌار ڪرڻ جو پڪو پهه به ڪري ڇڏيو هو پر اهو داغ ذوالفقار علي ڀٽو مٿان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، حقيقت ان جي ابتڙ آهي، ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽو رڳو پاڪستان جو مشهور ليڊر نه هو پر پوري مسلم امت جو سڀ کان وڌيڪ مشهور ليڊر هو ۽ هن سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ وارو منشور ڏنو هو، ڀلا جيڪو سمورن مسلمان ملڪن کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ۽ اتي طاقتور هجي اهو پنهنجن کي پري ڪرڻ جو تصور ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ ان حقيقت جو اظهار حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ ۾ چٽو ظاهر ڪيو ويو آهي. 1977ع جي عام چونڊن ۾ پڻ پيپلزپارٽي وڏي مينڊيٽ سان کٽي آئي ۽ ان ئي دور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مسلم ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ آمريڪا کي للڪار سان گڏ سرمائيدار طبقي کي تنبيهه ڪري غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مالڪي پڻ ڪئي ۽ اهي سبب هئا جو ان ئي سال هوائن پنهنجو رخ تبديل ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ 5 جولاءِ 1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي وئي ۽ عوامي ليڊر کي گرفتار ڪيو ويو، ملڪ ۾ 11 سال آمريت جو دور رهيو، ايم آر ڊي تحريڪ هلي جيڪا ڀرپور نموني ڪامياب ٿي وئي، 17 آگسٽ 1988ع تي جهاز حادثي کانپوءِ نومبر ۾ عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي غير مشهور اميدوارن وڏن وڏن مشهور شخصيتن کي چونڊ هارائي.جن ۾ پرويز علي شاهه ان وقت جي پير صاحب پاڳاري، حاجي رحمت الله بهڻ، مشهور اڳواڻ غلام مصطفيٰ جتوئي، شاهنواز جوڻيجي، اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي، ظفر علي لغاري، دادو ۾ عبدالحميد جتوئي کي چونڊ هارائي، جڏهن ته منور عباسي ممتاز ڀٽو کي شڪست ڏني، بابو غلام حسين ميمڻ، رسول بخش پليجو کي هارايو، ارباب وزير ۽ واحد سومرو اعجاز شاهه شيرازي کي شڪست ڏني، لسٻيلي جي والي ڄام يوسف کي پ پ جي ننڍڙي ڪارڪن غلام اڪبر لاسي هارايو، پ پ اڪثريت سان اچي وفاقي حڪومت ٺاهي، پر ان وقت هوائن جو رخ نواز شريف ڏانهن هو، ان ڪري هڪ سال ۽ 8 مهينن کانپوءِ حڪومت کي هلڻ نه ڏنو ويو ۽ اهو سلسلو 1990ع، 1993ع 1997ع ۽ 2002ع کان 2008ع جي عام چونڊن تائين هليو، جنهن کانپوءِ 2013ع ۽ 2018ع جي عام چونڊن ۾ به هوائن جي رخ جو ڪمال ڪٿي نه ڪٿي رهندو آيو آهي. هاڻ اچون ٿا 2023ع جي عام چونڊن تي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته هڪ وفاقي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ۽ وري ساڳي پارٽي حڪومت ۾ اچي، ڇو ته اهو هن ملڪ جو عوام به نه چاهيندو آهي، ان ڪري 2023ع واري عام چونڊن ۾ عمران خان واري پي ٽي آءِ کي هڪ سائيڊ تي رکون ٿا، 23ع ۾ هڪ ڀيرو وري 2 روايتي مخالف پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز ميدان ۾ هونديون، ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي کي گهڻين پوائنٽن تان برتري آهي، هڪ ته نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف ۽ مريم نواز قومي ادارن خلاف جنهن کليل نموني تنقيد ڪئي آهي ان سان عوام ۾ سندن اثر گهٽ ٿيو آهي ۽ ٻيو ته هوائن به انهن کان رخ ڦيري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پ پ قيادت ان معاملي ۾ ڪافي حد تائين محتاط آهي، ڇو ته انهن وٽ ماضي جو وڏو تجربو آهي ۽ ان نقطي تي اهي ميچوئر به آهن، نمبر ٻيو اهو ته نواز ليگ جو بيس پنجاب آهي، جتي (ق) ليگ، پي ٽي آءِ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ اليڪٽيبلز سان انهن کي مقابلو ڪرڻو پوندو، جڏهن ته پ پ جو بيس سنڌ آهي، جتي شهري علائقن کي ڇڏي ڪري باقي سنڌ ۾ انهن جو ڪو به طاقتور مخالف موجود نه آهي، شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جو ووٽ ورهايل هوندو، ڇو ته هن ڀيري ايم ڪيو ايم ۽ پاڪ سرزمين پارٽي سميت پي ٽي آءِ به ايم ڪيو ايم جا ووٽ ورهائينديون، سنڌ جي 75 قومي سيٽن مان پ پ وڌ کان وڌ 17 سيٽون هارائي سگهي ٿي، مطلب ته 50 سيٽون پ پ جون قومي ۾ صوبي جون پڪيون آهن، باقي ٽن صوبن مان جيڪڏهن پ پ کي50 سيٽون ملي ويون ته مرڪز ۾ اها حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. بلوچستان ۾ پ پ وٽ 3 کان 4 وننگ اميدوار موجود آهن، ساڳي طرح ڪي پي ڪي ۾ به 5 کان 6 اهڙا اميدوار آهن جيڪي سوڀارا ٿي ويندا، باقي 35 کان 40 سيٽون پنجاب ۾ ڪو مسئلو نه هوندو، مخدوم احمد عالم، خسرو بختيار، سردار قيوم، ذوالفقار کوسا فيملي، مزاري فيملي، جهانگير ترين،  بهاولپور جا عباسي نواب ۽ ٻيا ڪيترائي پ پ جا اميدوار هوندا جيڪي هن وقت اڪثر پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز به آهن ۽ اتي مايوس ويٺل آهن، جيڪڏهن اتحادين جي ڳالهه ڪجي ته چوڌرين جي (ق) ليگ، جي يو آءِ، اي اين پي، بي اين پي مينگل ۽ آزاد اميدوارن سميت ايم ڪيو ايم به پ پ سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهي ٿي، ان ڪري منهنجي خيال ۾ ايندڙ چونڊن جو سيناريو اهو بيهندو ته مرڪز ۽ سنڌ ۾ پ پ وٽ وڌيڪ چانسز آهن، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اتحادي حڪومتون جڙنديون ۽ بلوچستان ۾ وفاقي سرڪار جنهن کي به چاهيندي حڪومت ڏيندي، ڇو ته اها به هڪ روايت رهي آهي. سوشل ميڊيا تي اهو ٽرينڊ هلي رهيو آهي ته پ پ جي خراب حڪمراني سبب سنڌ مان سيٽون وڃائيندي پر حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ پ پ جي پوزيشن اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي، پ پ وٽ خاموش ووٽر آهي جيڪو ميڊيائي تبصرن ۾ نٿو پوي، سوشل ميڊيا تي سڀ ڪو آسمان ۾ تير هڻي سگهي ٿو، باقي دليلن جي ڳالهه ڪجي ته پ پ هن ڀيري ملڪ جي وفاق تائين حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي، ڇو ته هن پارٽي جي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مضبوط تنظيم سازي ٿيل آهي.سنڌ ۾ به پ پ جو متبادل نظر نٿو اچي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو