ليکڪ: مظفر علي ڪلهوڙو
جديد دور ۾ سوشل ميڊيا تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، دنيا جي ڪل آبادي 7 ارب آهي، جنهن مان 5 ارب سمارٽ فون جو استعمال ڪري ٿي، سوشل ميڊيا هڪ ڪمپيوٽر تي ٻڌل ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا ورچوئل نيٽ ورڪ ۽ ڪميونٽيز جي تعمير ذريعي خيالن، سوچن ۽ معلومات جي حصيداري کي سهولت فراهم ڪري ٿي. ڊزائن موجب سوشل ميڊيا انٽرنيٽ تي ٻڌل آهي ۽ صارفين کي مواد ۽ تڪڙي گفتگو فراهم ڪري ٿي، مواد ۾ ذاتي معلومات، دستاويز، وڊيوز ۽ تصويرون شامل آهن، صارف ويب بنياد تي سافٽ ويئر يا ايپليڪيشنن ذريعي ڪمپيوٽر، ٽيبليٽ يا سمارٽ فون ذريعي سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل رهن ٿا، ھڪ تحقيق مطابق دنيا ۾ 4.5 بلين کان وڌيڪ ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ جو تعداد 3.8 بلين جو نشان اڪري چڪا آهن، دنيا جي تقريبن 60 سيڪڙو آبادي اڳ ۾ ئي آن لائن آهي، تازن رحجانن مان معلوم ٿئي ٿو ته دنيا جي ڪل آبادي جو اڌ کان وڌيڪ حصو سوشل ميڊيا استعمال ڪندو، آمريڪا جي هڪ ريسرچ ايجنسي مطابق 18 کان 26 سالن جا نوجوان گهٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت سوشل ميڊيا تي گذارين ٿا، جيڪي بـ ڊجيٽل يوٽيوب تي آن لائن آهن، انهن ۾ 85 سيڪڙو نوجوان آهن ۽ انسٽاگرام تي آن لائن نوجوانن جو تعداد 72 سيڪڙو آهي ۽ اھڙي طرح فيس بڪ تي آن لائن نوجوانن جو تعداد 71 سيڪڙو آهي. سوشل ميڊيا جا نوجوانن کي فائدا: سوشل ميڊيا ذريعي نوجوان دنيا جي ھر خبر کان باخبر رھي ٿو، هن وقت دنيا جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان بريڪنگ نيوز حاصل ڪندا آهن، 57 سيڪڙو نوجوان آن لائن رھي چون ٿا ته اهي سوشل ميڊيا تي نوان دوست ٺاهين پيا، سوشل ميڊيا جي ڪري ڪيترائي نوجوان مشهور ٿيا آهن، جن کي ٽيليويزن يا ريڊيو تي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو نه مليو ته انھن نوجوانن پنهنجي صلاحيتن کي سوشل ميڊيا تي پروموٽ ڪيو، سوشل ميڊيا آمدنيءَ جا نوان رستا کوليا آهن، ماڻهن لاءِ روزگار جا هزارين موقعا پيدا ڪري رھي آهي، سوشل ميڊيا ذريعي ڪيترن ئي بـيروزگارن نوجوانن کي روزگار ملن ٿا، نوجوان يوٽيوب ۽ ٻين مختلف ايپليڪيشنن تان لکين رپيا ڪمائين ٿا، اھڙي طرح ھزارين نوجوان گهر ويٺي مختلف طريقن سان ھزارين ۽ لکين رپيا ڪمائي رھيا آهن، تعليم جي حوالي سان سوشل ميڊيا مان نوجوانن کي سوشل ميڊيا ھڪ اھڙو پليٽ فارم ٿي مليو آهي، جتان ھر قسم جا مھانگا ڪتاب، نوٽس، ليڪچر، اخبارون مفت ۽ آسان معلومات جا ذريعا ملن ٿا، هڪ سروي مطابق اهو معلوم ڪيو ويو آهي ته تقريبن 59 سيڪڙو تعليمي ادارن اعتراف ڪيو آهي ته انهن جا شاگرد تعليمي مقصدن لاءِ سوشل ميڊيا جي مدد وٺي ويندا آهن، ان سان گڏ 50 سيڪڙو اهي اسڪول تي بحث لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪندا آهن. سوشل ميڊيا جا نقصان: سوشل ميڊيا نوجوانن جي ذهني صحت لاءِ خراب به ثابت ٿي آهي، جيڪي نوجوان سوشل ميڊيا تي گهڻو وقت گذاريندا آهن. اهي پريشاني ۽ ڊپريشن ۾ رھن ٿا ۽ ننڊ پوري نٿا ڪري سگهن، جنهن سبب اھي ذهني بيمارين جي مسئلن ۾ مبتلا ٿين ٿا ۽ احساس ڪمتري جو شڪار ٿين ٿا، پوءِ انھن ۾ آپگهات جا خدشا ۽ رجحان پڻ وڌن ٿا، سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تان ڏوهاري سرگرميون به ٿي سگهن ٿيون پر افسوس ته اسان جا نوجوان ڪيترين شين کان واقف ناهن، سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي سائبر بدمعاشي بـ ٿئي ٿي، تقريبن ماڻهو ٻين جي نالي تي فيڪ آءِ ڊيون ٺاھي غلط پوسٽ ڪري ٻين کي بليڪ ميل ڪندا آهن ۽ ٻين جا اڪائونٽ بـ ھيڪ ڪندا آهن، ھڪ تحقيق مطابق سوشل ميڊيا تي 50 سيڪڙو ڪوڙيون پوسٽو ۽ خبرون ھلنديو آهن، سوشل ميڊيا جي ڪري نوجوانن جي تعليم تي به وڏا خراب اثر پيا آهن، گهڻو وقت سوشل ميڊيا تي گذارڻ جي ڪري پڙهائي تـان ڌيان ھٽي رھيو آهي، جنهن سبب امتحاني نتيجا بھتر نٿا اچن ۽ انهن مان مستقبل جي ڪا اميد نٿي رکي سگهجي، جيڪا انتهائي افسوس جي ڳالهـه آهي، نوجوان نه صرف پنهنجو مستقبل تباهه ڪري رھيا آهن پر ايندڙ نسلن کي به تباھه پيا ڪن، اسان کان جيترو به ٿي سگهي ته سوشل ميڊيا تي گھٽ وقت گذاريون ۽ پنهنجي تعليم تي وڌ کا وڌ ڌيان ڏيون ۽ مستقبل جي لاءِ جدوجهد ڪريون.