ايڊيٽوريل
ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جون خبرون اچي رهيون آهن، تازين رپورٽن مطابق اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيس جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، جنهن سبب شهر ۾ ويڪسينيشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ضلعي صحت کاتي مطابق گذريل ڏينهن 107 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ شهر ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 5.45 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ضلعي انتظاميا شهر ۾ ڪورونا ڪيسن جي مثبت شرح وڌڻ تي ويڪسينيشن مهم تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انتظاميا مطابق شهر ۾ ويڪسينيشن ڪئمپون قائم ڪيون وينديون ۽ آفيسن ۾ اهڙيون ڪئمپون لڳنديون، جڏهن ته شهر ۽ ڀرپاسي ۾ هوٽلن تي عملي کي اڄ کان ويڪسين لڳائي ويندي، اهي خبرون اچي رهيون آهن ته ملڪ ۾ڀارت،ڏکڻ آفريڪا ۽ برطانيا جي ڪورونا وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي وئي آهي، اڱاري ڏهاڙي سنڌ ۾ 16218 ٽيسٽن مان 935 نوان پازيٽو ڪيس پڻ رپورٽ ڪيا ويا آهن ۽ 8 مريض لاڏاڻو ڪري ويا هئا. ان سلسلي ۾ وفاق توڙي سنڌ حڪومت ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ سبب ڪيس وڌي رهيا آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجن ۽ پنهنجي پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ۾ جتي ماڻهن جي غفلت ۽ غير سنجيدگي شامل آهي اتي انتظامي نااهلي پڻ ان جو ڪارڻ آهي، ڇو ته وفاق توڙي سنڌ حڪومت جڏهن ڪورونا دوران لڳل پابندين ۾ نرمي ڪئي هئي ۽ آهستي اهستي پابنديون هٽايون هيون تڏهن به اها اپيل ڪئي وئي هئي ته احتياطي اپائن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪيو وڃي، اسان ان وقت ئي اهي دانهون ڪيون هيون ته تعليمي ادارا کولڻ ته بهتر عمل آهي پر ٻئي ڪاروبار سميت بازارن کي تڪڙو نه کولڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان پهريان صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ۽ اسان اها به گذارش رکي هئي ته وفاق توڙي صوبائي حڪومتن کي پنهنجي ڊويزنل، ضلعي ۽ تعلقي انتظاميائن کي سختي هدايتون ڏنيون وڃن ته اهي گهربل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ قدم کڻن پر انهن ۾ يقينن ڪوتاهيون ٿيون آهن، گڏوگڏ وفاقي حڪومت پڻ ڪيس گهٽجڻ کانپوءِ هوائي اڏن تي احتياطي اپائن کي فوري طور تي ختم ڪري ڇڏيو ۽ اتان ٽيسٽن ۽ قرنطينا وارو شرط به ختم ڪيو ويو، نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ ۾ اڳ موجود ڪووڊ 19 جي قسم کانپوءِ ڀارت،ڏکڻ آفريڪا ۽ برطانيا جي وائرسن جي پڻ تصديق ڪئي وئي آهي، ظاهر آهي ته اهي وائرس هوا ۾ اڏامي ته هتي نه پهتا هوندا، انهن ئي ملڪن مان ايندڙ ماڻهن ذريعي اهي هتي ٽرانسفر ٿيا هوندا، ان ڪري جتي عوام کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي ايترو ئي حڪومتن لاءِ به ضروري آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان ڏس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي هوائي اڏن تي ساڳيا انتظام بحال ڪيا وڃن، گڏوگڏ اسان سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ اهڙي صورتحال آهي جيڪا عالمي سطح تائين پکڙيل آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ رڳو ڪنهن هڪ ٻن يا پنجن فردن يا حڪومتن جي نه پر مجموعي طور تي سڄي قوم جي ذميواري آهي ان ڪري اسان کي ڪورونا بابت اجتماعي پاليسيون جوڙڻيون پونديون ۽ عوام کي پڻ سختيءَ سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اسان وري ڪنهن لاڪ ڊائون ۾ ڦاسي پونداسين.