236

تائيوان ۾ آسمان تي نظر ايندڙ انڊلٺ مسلسل 9 ڪلاڪن تائين برقرار رهي

تائپي سٽي (ويب ڊيسڪ) تائيوان جي آسمان تي نظر ايندڙ خوبصورت انڊلٺ (رينبو) 9 ڪلاڪن تائين برقرار رهي.رپورٽ مطابق تائيوان ۾ چائنيز ڪلچرل يونيورسٽي ۾ شعبي فضائي علم جي صدر هوڪون سوان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته تائيوان جي آسمان تي شاندار انڊلٺ صبح 7 وڳي نظر آيو ۽ شام 4 وڳي تائين برقرار رهيو. هن ٻڌايو ته مسلسل 9 ڪلاڪن تائين برقرار رهندڙ انڊلٺ جي تفصيلي تصويرن ۽ ويڊيو کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته عام حالتن ۾ انڊلٺ ڪجهه منٽن تائين ئي برقرار رهندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو