194

شهباز شريف ڪٽنب خلاف مني لانڊرنگ ۽ رمضان شوگر ملز ريفرنسز جي ٻُڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف، حمزه شهباز سميت ڪٽنب جي خلاف مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ رمضان شوگر ملز جي ڌار ڌار ٻن ريفرنسز جي ٻُڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن ٻُڌڻيءَ تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج سجاد احمد آڏو پيش ٿيا ۽ پنهنجي حاضري لڳرائي. شهباز شريف عدالت ۾ پنهنجي ترقياتي رٿائن جو ڪتابچو پيش ڪيو ۽ چيو ته هي ڪا رام ڪهاڻي ناهي، ان ڪتاب جو ڪيس سان تعلق آهي، هن ۾ لکيل آهي ته ڪهڙيءَ طرح بچت ٿي آهي، بجلي جي منصوبن جا تفصيل پڻ ان ڪتابچي ۾ آهن. جنهن مطابق 11 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. اهي منصوبا جديد ۽ سستا هئا، جيڪڏهن منصوبا نه لڳن ها ته قيامت خيز گرمي ٿئي ها. ان منصوبن ذريعي قوم جي خدمت ڪئي آهي، عدالت پُڇاڻو ڪيو ته ڇا هي ڪتاب اوهان جاچ آفيسر حوالي ڪيو آهي. شهباز شريف چيو ته ان جو سنئون سِڌو ڪيس سان تعلق آهي، جاچ آفيسر کي پڻ هي ڪتابچو ڏئي چڪا آهيون، شهباز شريف پنهنجي ڪارڪردگيءَ بابت ڪتابچو جج کي پڻ پيش ڪيو. عدالت ريفرنسز جي ٻُڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي ملزمن کي ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. احتساب عدالت ۾ دائر رمضان شوگر ملز ريفرنس مطابق اڳوڻي وڏي وزير اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي سرڪاري خزاني مان رمضان شوگر مل لاءِ نالا تعمير ڪرايا جنهن سان قوم کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو. نيب ريفرنسز مطابق شهباز شريف ۽ حمزه شهباز اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي 2015ع ۾ 36 ڪروڙ رپين سان مقامي آبادين جي نالي تي پنهنجي نجي ملڪيتي رمضان شومگر ملز لاءِ نالا تعمير ڪرائي قومي خزاني کي نقصان پهچايو. ان ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فردِ جرم لاڳو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف، حمزه شهباز سميت 16 ملزم نامزد آهن، سندن خلاف ريفرنس 55 جلدن تي ٻَڌل آهي. شهباز شريف، سلمان شهباز، حمزه شهباز، رابعه شهباز، نصرت شهباز، نثار احمد، شاهد رفيق، ياسر مشتاق، محمد مشتاق، آفتاب محمود، محمد عثمان، طاهر نقوي، قاسم قيوم، فاضل داد عباسي ۽ علي احمد کي نامزد ڪيو ويو آهي. شهباز شريف سميت ٻين خلاف 4 ملزم سلطان شاهد بڻجي چڪا آهن. سلطاني شاهد بڻجندڙن ۾ شاهد رفيق، ياسر مشتاق، محمد مشتاق ۽ آفتاب محمود شامل آهن. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيشيءَ جي موقعي تي چئني طرفن کان سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو