247

مادرِ ملت محترمه فاطمه جناح کي اسان کان وِڇڙي 54 سال گذري ويا

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح جي ڀيڻ، عظيم سياسي اڳواڻ مادرِ ملت محترمه فاطمه جناح کي اسان کان وِڇڙي 54 سال گذري ويا. هوءَ 31 جولاءِ 1893ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿي. هن شروعاتي تعليم بمبئي مان حاصل ڪئي. 1922ع ۾ ڊينٽسٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد بمبئي ۾ ڊينٽل ڪليڪ کولي پريڪٽس شروع ڪئي، ان سان گڏوگڏ هن گهريلو ۽ سياسي زندگيءَ ۾ قائداعظم جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪيو. محترمه فاطمه جناح هر هنڌ، هر ميدان ۾ عورتن کي مردن سان گڏ ڏسڻ جي خواهشمند هئي، هن عورتن جي هر طرح حوصله افزائي ڪئي. محترمه فاطمه جناح جي ڪري برصغير جي عورتن پڻ پاڪستان جي تحريڪ ۾ شامل ٿيون. قيامِ پاڪستان لاءِ اڻٽر ڪوششن تي قوم کيس مادرِ ملت جو خطاب ڏنو. فاطمه جناح 9 جولاءِ 1967ع تي لاڏاڻو ڪري وئي. کيس ڪراچيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو