اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اين سي او سي آزاد ڄمون ڪشمير اليڪشن ڪميشن کي جلسن ۾ ايس او پيز تي خلاف ورزين بابت خط لکيو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر جو خدشو آهي. اسلام آباد ئي نه سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن، ملڪ ۾ وڌندڙ ڪيسن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني پئي وڃي، نوجوان ڪنهن به ملڪ جو معاشي ۽ سماجي ڍانچو تبديل ڪري سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن نيشنل يوٿ ڪائونسل جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اسد عمر جو چوڻ هو ته ڪورونا جي چوٿين لهر جو خدشو آهي، اسلام آباد ئي نه بلڪ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن، ملڪ ۾ وڌندڙ ڪيسن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني پئي وڃي، اسان نٿا چاهيون ته عيد تي پابنديون لڳايون ۽ عيد جو مزو خراب ٿئي، ملڪگير لاڪ ڊائون جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، مڪمل لاڪ ڊائون طرف نه وينداسين، سمارٽ لاڪ ڊائون جتي ضرورت هوندي ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي حڪومت نوجوانن جي ترقيءَ ۽ فلاح لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.
175