183

وفاقي حڪومت گلگت بلتستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي: شفقت محمود

گلگت (ويب ڊيسڪ) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته گلگت بلتستان جي سياحتي ماڳن کي بين الاقوامي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۽ علائقي ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻي رهي آهي. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ بريفنگ سيشن دوران ڳالهائيندي هن چيو ته گلگت ۾ پي اين سي اي جو آفيس کوليو ويندو، علائقي ۾ ميوزيم ڪلچر هال ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وينديون. وزيراعظم سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص توجهه ڏئي رهيو آهي. گلگت بلتستان جي ثقافت جي واڌ ويجهه ۽ ان جي تحفظ لاءِ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان تعاون ڪندي. پاڪستان ۾ پرائمري سطح تي هڪجهڙو نصاب ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مڊل ۽ هاءِ سطح تي هڪجهڙي نصاب جي لاءِ ڪم جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو