185

نيشنل يوٿ ڪائونسل ميرٽ تي جوڙي وئي آهي، نوجوانن بابت ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون: عثمان ڊآر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نوجوانن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار چيو آهي ته نيشنل يوٿ ڪائونسل ميرٽ تي جوڙي وئي آهي، نوجوانن بابت ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون، ان سان انهن جي مستقبل بابت منصوبه سازيءَ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ميمبرن جي حلف برادريءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ميمبرن جي چونڊ ميرٽ تي ٿي آهي، مختلف شعبن سان واڳيل نوجوانن کي شاندار ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي نيشنل يوٿ ڪائونسل لاءِ چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته نيشنل يوٿ ڪائونسل جا چونڊيل نوجوان قومي ۽ عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندا. ڄاڻايل نوجوانن جي مهارت کي ڏسندي انهن جي ورڪنگ گروپس ترتيب ڏنا ويا آهن. هن چيو ته نيشنل يوٿ ڪائونسل جا ميمبر هاڻ انفرادي حيثيت نٿا رکن بلڪ هو سمورن نوجوانن جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ هو نوجوانن لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو