188

قومي معيشت جي مختلف شعبن ۾ ٿيل سڌي ريت سيڙپڪاري جي شرح ۾ 63 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)قومي معيشت جي مختلف شعبن ۾ ٿيل سڌي ريت سيڙپڪاري (ايف ڊي آءِ) جي شرح ۾ مئي 2021 دوران 63 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب مئي 2020 دوران ملڪ ۾ 121 ملين ڊالر جي ايف ڊي آءِ ۾ ڪئي وئي جڏهن ته مئي 2021 ۾ قومي معيشت جي مختلف شعبن ۾ ڪيل سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري 198.3 ملين ڊالر تائين وڌي وئي، اهڙي ريت مئي 2020 جي ڀيٽ ۾ مئي 2021 دوران ايف ڊي آءِ ۾ 77.3 ملين ڊالر يعني 63 سيڪڙو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب اپريل 2021  جي ڀيٽ ۾ مئي 2021 دوران ايف ڊي آءِ ۾ 25 سيڪڙو اضافي سان قومي معيشت ۾ ڪيل سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري 158.4 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 1898 ملين ڊالر تائين وڌي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو