123

20 حاجين جي هر گروپ لاءِ هڪ صحت جو نگران هوندو: سعودي عرب جي حج واري وزارت

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري بابت وزارت جي ترجمان انجنيئر هشام سعيد چيو آهي ته هن سال 20 حاجين جي گروپ لاءِ هڪ صحت جو نگران مقرر هوندو. رپورٽ مطابق هن چيو ته حاجين جي حفاظتي تدبيرن تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو. حاجين جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقدس هنڌن تي سماجي وٿيءَ جو اهتمام ڪيو ويو آهي. هن چيو ته صحت ۽ حج بابت وزارت طئي ڪيل ضابطن جي نگرانيءَ لاءِ هر 20 حاجين مان هڪ کي صحت جو نگران مقرر ڪيو آهي. حاجين جي استقبال لاءِ 4 مرڪزي اسٽيشنون مقرر ڪيون ويون آهن، جتي انهن جي رجسٽريشن ٿيندي. طئي ٿيل شيڊول مطابق ڄاڻايل اسٽيشن تي حاجين جو مقرر ڪيل انگ مڪي پاڪ ويندو ۽ اتان کان طواف بعد کين منيٰ روانو ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو