165

افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ سمورا ادارا ۽ هٿياربند فوج پوري طرح تيار آهن: علي محمد خان

اسلام آباد ِ (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ سمورا ادارا ۽ هٿياربند فوج پوري طرح تيار آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اتر وزيرستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن تي گهرو وزارت کان رپورٽ وٺڻ ۽ ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي آهي. قومي اسيمبلي ۾ محسن داوڙ جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ علي محمد خان چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هن ايوان جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو هو، اسان جا ادارا ۽ پاڪ فوج پوري طرح تيار آهن،افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان اثر پاڪستان تي پئجي سگهن ٿا پر اسان پوري طرح تيار آهيون. وزيراعظم عمران خان واضح طور تي چيو ته افغاني اسان جا ڀائر آهن ۽ اسان امن جي لاءِ حصيدار آهيون، مملڪتي وزير چيو ته بجيٽ سيشن پارليامينٽ ٻين مددي ادارن سان گڏوگڏ اي پي پي، پي ٽي وي، ريڊيو جي بجيٽ سيشن جي ڪوريج ڪندڙ ملازمن لاءِ اعزازيه تي اسپيڪر جي رولنگ به گهربل آهي جنهن تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ان جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسپيڪر علي محمد خان کي هدايت ڪئي ته هو وزيرستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعي تي گهرو وزارت سان رابطو ڪري ۽ ان واقعي جي ذميدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، ان کان اڳ محسن داوڙ جي اعتراض واري نقطي تي چيو ته اڄ صبح اتر وزيرستان جي ڳوٺ تپي جي قبائلي اڳواڻ ملڪ عبدالرحمان کي نامعلوم ماڻهن ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو، ٻه ڏينهن اڳ هڪ ٻي قبائلي اڳواڻ صلاح الدين کي به قتل ڪيو ويو هو، اسان بار بار چئي رهيا آهيون ته دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪيو وڃي، اسان علائقي کي آپريشن لاءِ خالي ڪري ڇڏيو هو پر ان جي باوجود ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو شروع ٿيو آهي، اسان وڌيڪ لچڪ جو مظاهرو نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته عسڪريت پسندن جي ري گروپنگ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيڻ گهرجي، بابو سر ۾ عسڪريت پسندن جي هڪ وڊيو به وائرل ٿي آهي، اها لهر پوري پاڪستان ۾ پکڙي سگهي ٿي ۽ اهو خطرناڪ رجحان آهي، مُون ان تي صدر پاڪستان کي خط به لکيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو