117

پاڪستان جو مستقبل نوجوانن سان واڳيل آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ نوجوانن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن سان واڳيل آهي، نوجوان معاشري جي پوئتي پيل طبقن جي مدد سان پاڪستان کي هڪ خوشحال ملڪ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هو ٻي نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ميمبرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن هتي ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته نوجوان ملڪي آبادي جو 68 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو آهن، معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ کين هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي، صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن تي آهي، نوجوانن کي مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ افرادي قوت جو حصو بڻائڻ لاءِ مختلف هنر سيکارڻ جي ضرورت آهي صدر وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام کي ساراهيندي چيو ته ان پروگرام نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي قرضن ۽ مهارت تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. هن ڪامياب جوان پروگرام تحت قرضن جي باري ۾ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر نيشنل يوٿ ڪائونسل کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته معاشري جي پوئتي پيل طبقن جي مدد جي ذريعي ملڪ کي خوشحال بڻائڻ جي ڪوششن ۾ نوجوانن کي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام تحت اربين روپيا مختص ڪيا ويا آهن پر عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ دستياب قرض آگاهي نه هجڻ جي ڪري مڪمل طور تي استعمال ۾ نه پيا آندا وڃن، يوٿ ڪائونسل ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان پروگرام مان فائدو کڻي سگهن. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار چيو ته يوٿ ڪائونسل نوجوانن جي لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي. هن صدر کي نيشنل يوٿ ڪائونسل جي مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، هن چيو ته ان جو مقصد نوجوانن کي فيصلا سازي جي عمل ۾ شامل ڪري کين بااختيار بڻائڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ انهن جو ڪردار وڌائڻ آهي، يو اين ايف پي اي جي نمائندگي ڊاڪٽر بختيار قديروف نوجوانن کي بااختيار بڻائن ۽ انهن جي لاءِ تعليمي وظيفن، مالي قرضن ۽ هنر جي ترقي جي موقعن جي فراهمي جي حوالي سان حڪومت پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو