ڪوئيٽه (ويب ڊيسڪ) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي گوادر جي دؤري سان بلوچستان ۾ هڪ نئين دؤر جي شروعات ٿي آهي، موجوده حڪومتي دؤر ۾ بلوچستان ترقي جي راهه تي گامزن آهي، احساس پروگرام ۾ به بلوچستان کي پورو حصو ملي رهيو آهي، سي پيڪ تي هنگامي طور تي ڪم جاري آهي، گوادر بنا سي پيڪ محال آهي، اهوئي سبب آهي جو وزيراعظم پنهنجي سخت مصروفيتن مان بلوچستان لاءِ هميشه وقت ڪڍندو رهندو آهي، وزيراعظم جو هاڻوڪي گوادر جو دؤرو وڏو ڪامياب رهيو. اهڙو اظهار هن مختلف وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو. زبيده جلال چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلوچستان ۾ ترقياتي ڪم روان داون آهي. بلوچستان جي حوالي سان وزيرعظم عمران خان جي سوچ هميشه هاڪاري رهي آهي، مڪران ۾ اربين رپين جي پيڪيج سان هيٺئين سطح تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، روڊ رستا ۽ علائقي ۾ تعليم ۽ صحت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ماضيءَ ۾ بلوچستان ۾ اهڙي بهتر حڪمراني سان ڪم نه ٿيو هو، جيترو اڄ عمران خان جي قيادت ۾ ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي دلچسپيءَ سان گوادر کي خصوصي طور تي ترجيح ڏني پئي وڃي.
