110

چين ۽ پاڪستان مضبوط سياسي اعتماد سان منفرد دوستاڻن ناتن کي هٿي وٺرائي آهي: چين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان کي چين جو حقيقي دوست ۽ برادر ملڪ قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتن تي زور ڀريو آهي. رپورٽ مطابق اهڙو اظهار هن پاڪ- چين سفارتي ناتن جي 70هين سالگره جي سلسلي ۾ سيمينار کي افتتاحي تقريب کي وڊيو لِنڪ ذريعي پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ مضبوط گڏيل سياسي اعتماد سان اڻٽٽ دوستاڻن ناتن کي هٿي وٺرائي رهيا آهن. هن زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن کي ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻ، سي پيڪ کي مضبوطيءَ سان اڳيان وڌائڻ، گڏيل طور تي علائقائي امن جي تحفظ لاءِ ڊگهي مُدي وارن قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو