اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ تبديلين ۽ افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسيءَ بعد جي صورتحال تي انتهائي گهري نظر رکي ٿو، پاڪستان جي پاليسي واضح آهي ته افغان پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري، اسان ڪنهن صورت ۾ افغانستان ۾ جنگ جو حصو نه بڻجنداسين. اسان پنهنجي سرزمين کي ڪنهن جي خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين. پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي 27 مان 26 نُڪتن تي عمل ڪيو آهي پر اسان کي سياسي طور تي تڪراري بڻايو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن 12هين ڪور جي سيڪيورٽي جي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان آمريڪي فوج جي افغانستان مان واپسيءَ جي صورتحال کان پوريءَ طرح آگاهه آهي، اسان خطي ۾ تبديلين بابت حالتن جو مسلسل جائزو وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته افغانستان ۾ جٽادار حڪومت قائم ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اسان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه نه ٿئي. ٻنهي ملڪن جو امن هڪٻئي سان سلهاڙيل آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي حوالي سان واضح پاليسي ڏني آهي ته افغان پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري، اسان انهن جي فيصلي جو احترام ڪنداسين ۽ پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ به افغانستان ۾ جنگ جو حصو نه بڻبو. گهرو وزير چيو ته چين پاڪستان، ترڪي، روس ۽ ايران سڀني جي نظر خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته پاڪستان افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو ڪم 85 سيڪڙو مڪمل ڪيو آهي، افغان شهرين جي افغانستان ۾ امڪاني صورتحال جي پيش نظر آمدرفت کي روڪڻ لاءِ گهرو وزارت سرحد جي انتظام جي ذميوار آهي ۽ ان سلسلي ۾ ضروري قدم کڻي رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي طالبان جي حوالي سان پاليسي واضح آهي، اسان پنهنجي سرزمين کي ڪنهن جي خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين. ٽي ايل پي جي معاملي تي وفاقي ڪابينه حتمي فيصلو ڪندي.
109