176

دهلي ۽ اسلام آباد جي ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ مودي جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب نه ٿيون ڏئي سگهن: بلاول ڀٽو

حويلي/ مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان دهلي ۽ اسلام آباد جي ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين، وزيراعظم  ڪشمير معاملي ۾ ناڪام رهيو. 25 جولاءِ تي ڪشمير جو عوام ڪٺ پتلي کي جواب ڏيندو. اهڙو اظهار هن حويلي آزاد ڪشمير ۾ پارٽي جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو . آزاد ڪشمير ۾ سڀني جماعتن جو مقابلو ڪنداسين، توهان کي بيٽ کي به ڀڄائڻو آهي ۽ ٻين کي به، هن چيو اسان چاهيون ٿا ته توهان ٻلي وانگر نه شينهن وانگر سياست ڪريو، شينهن عوام ۾ رهي مقابلو ڪندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اهڙو وزيراعظم نٿا چاهيون جيڪو اسلام آباد ۾ ويهي مودي جي کٽڻ جون دعائون گهري. اسان بينظير ڀٽو جي اڌ ۾ ڇڏيل مشن کي مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام کي ڏکيي وقت ۾ نٿي ڇڏي سگهي ۽ آزاد ڪشمير ۾ جيالا وزيراعظم جي چونڊ ڪندا. پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ سڀني کان وڌيڪ روزگار مليو. غريب جي آواز هڪ ئي پارٽي آهي ۽ اها پيپلز پارٽي  آهي. اسان جي پارٽي ڪڏهن به ڪشمير جو سودو نٿي ڪري سگهي اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته خوشيون هنن سان ملهايون ۽ ڏک اوهان سان. پيپلز پارٽي ئي اها واحد پارٽي آهي جيڪا ڪڏهن به ڪشمير جو سودو نه ڪندي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بابت ڳالهائيندي بلاول چيو ته مودي جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندڙ هڪ ئي پارٽي آهي ۽ اها پيپلز پارٽي آهي. ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ مودي جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب نه ٿيون ڏئي سگهن. اسان جي بدقسمتي آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم ۾ ڪشمير جي لاءِ ڳالهائڻ جي همت نه آهي. اسان جو وزيراعظم نااهل آهي. جڏهن ڪشمير تي حملو ٿيو تڏهن ان چيو ته آئون ڇا ڪريان. اسان جو وزيراعظم ڪشمير معاملي  ۾ ناڪام رهيو. جيڪو ڪشميري ڀيڻ ڀائرن جي اميدن تي پورو نه لٿو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته بينظير ڀٽو چوندي هئي ته جتي ڪشميرين جو پگهر ڪرندو اتي منهنجو رت ڪرندو ۽ حويلي جي عوام جو هڪ ئي نعرو آهي. ڪشمير جو سودو نامنظور. 25  جولاءِ تي ڪشميري عوام ڪٺ پتلي کي جواب ڏيندا. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام جي ڊڪٽيشن کان علاوه ڪنهن جي به نه مڃينداسين، جڏهن ته اسان دهلي ۽ اسلام آباد جي ڊڪٽيشن کي ڪڏهن به نه مڃينداسين. ڪشمير جي عوام 25 جولاءِ تي بني گالا وارن کي ڀڄايئيندي. ڪشمير تي حملي جو جواب پنهنجي ئي نقشي ۾ تبديلي سان ڏنو ويندو آهي. اسان ڪشميري عوام جي حڪم تي هلنداسين.  ڪشمير جي عوام 3 نسلن کان اسان جو ساٿ ڏنو. قائد عوام اسان کي سيکاريو  هو ته ڪشمير جي ڀينرن۽ڀائرن لاءِ هزار سال به جنگ وڙهڻي پئي ته اها به وڙهنداسين. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم نالائق، نااهل ۽ ناجائز آهي، هي اهو وزيراعظم آهي، جيڪو اسلام آباد ۾ ويهي مودي جي ڪاميابيءَ جي دعا ڪندو آهي. اڄ ڪلهه جيڪي احساس جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن ۾ ڪو احساس نه آهي، اسان جو وزيراعظم اٽو، لٽو ۽ اجهو کسي رهيو آهي. عمران خان جيئن پرويز مشرف جو پولنگ ايجنٽ هو، ايئن ئي نريندر مودي جو به پولنگ ايجنٽ ٿيو، اسان کي پنهنجي شادين ۾ نريندر مودي کي دعوت ڏئي گهرائيندڙ وزيراعظم به نه گهرجي، جيڪو ڪشميري عوام جو دشمن آهي، اهو منهنجو مخالف ۽ منهنجو دشمن آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو