125

چوري ٿيل سيٽون حڪومت جي نڙيءَ مان ڪڍڻ اچي ويو آهي، چوري جي ڪوشش ناڪام ڪنداسين: مريم نواز

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب قدر مريم نواز چيو آهي ته چوري ٿيل سيٽون حڪومت جي نڙيءَ مان ڪڍڻ جو هنر اچي ويو آهي، چوري جي ڪوشش ناڪام ڪنداسين. اهڙو اظهار هن آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد ڀرسان ڇتر ڪلاس ۾ چونڊ جلسي سان خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان آمريڪا ويو ته هن ٽرمپ کي ڪشمير تي ٽياڪڙي ڪرڻ جي آڇ ڪئي،آمريڪا مان واپس آيو ته چيائين ورلڊ ڪپ کٽي آيو آهيان. مريم نواز چيو ته ڇا ڪشميرکي ڀارت جي جهولي ۾ وجهڻ ورلڊ ڪپ کٽڻ آهي. هي ڪهڙو وزيراعظم آهي، جيڪو عوام جي ووٽن تي ڌاڙو هڻي آيو آهي، پر ڪشمير  ۾ ووٽ چوري ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام ڪنداسين، هاڻي ووٽ چوري ٿيڻ کان بچائڻ سکي ورتو اٿئون، چوري ٿيل سيٽون حڪومت جي نڙيءَ مان ڪڍڻ جو هنر اچي ويو آهي. جيڪڏهن ڪشمير جون چونڊون چوري ٿيون ته شاهراهه دستور اسلام آباد تي ڪئمپ هڻي ويهي رهنداسين. حڪمران نواز شريف کان ايترا ته ڊنل آهن جو ان کان ڳالهه شروع ڪري ان تي ئي ختم ڪن ٿا. مريم نواز وڌيڪ چيو ته والاريل ۽ آزاد ڪشمير جا ڏک، تڪليفون ۽ پريشانيون هڪ نه هڪ ڏينهن ختم ٿيڻيون آهن، نواز شريف توهان جي آزادي ۽ حقن جي جنگ وڙهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو