174

طالبان جو اسلامي رياست قائم ڪرڻ لاءِ افغان حڪومت سان ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

تهران (ويب ڊيسڪ) طالبان افغانستان ۾  اسلامي رياست قائم ڪرڻ لاءِ افغان حڪومت سان ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. اهڙو اتفاق تهران ۾ ايران جي ميزبانيءَ هيٺ طالبان ۽ افغان حڪومت جي ڳالهين جي پهرئين دور ۾ ڪيو ويو. ڳالهين جي ان پهرئين دور جي پڄاڻيءَ تي گڏيل پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي آهي پر ڳالهين جي ٻي دور جي تاريخ توڙي هنڌ بابت ڪو اعلان نه ڪيو ويو آهي.  ڳالهين ۾ ٻنهي ڌرين افغانستان جي مسئلن کي جنگ بدران نبيرڻ تي پڻ اتفاق ڪري ورتو ۽ هنن عوامي ملڪيتن تي حملن جي مذمت پڻ ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايران طرفان ڳالهيون ڪرائڻ جو انتظام افغانستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. ان موقعي تي ايران جي پرڏيهي پوزير جواد ظريف چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ جنگ ۾ بهادري بدران امن ۾ بهادري ڏيکارڻ وڌيڪ اهم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو