190

بجٽ جا اثر ظاهر، گيهه جي في اگهه ۾ 15 کان 38 روپين تائين واڌ، کنڊ به ويتر مهانگي ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين مالي سال جي وفاقي بجٽ کان پوءِ ان جا اثر  مهانگائي جي صورت ۾ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن هيٺ گيهه جي في اگهه ۾ 15 کان 38 روپين تائين واڌٿي وئي آهي ۽ کنڊ به ويتر مهانگي ٿي وئي آهي. پهرئين درجي وارو گيهه 305 روپين مان وڌي 343 روپيا ۽ ٻي درجي وارو 270 مان وڌي 285 روپيا في ڪلو ٿي ويو کنڊ جي 50 ڪلو واري ٻوريءَ جو اگهه 4700 روپين مان وڌائي 5 هزار روپيا ڪيو ويو، مهانگائي جي سراسري شرح 14.52 ٿي وئي آهي. ٻي پاسي موبائل فونز جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ٿي وئي آهي جنهن سان موبائل فون جي اگهن ۾ هزارين روپين تائين جي واڌ ٿي آهي. وفاقي حڪومت طرفان موبائل فونز جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ بابت ترميمي ڪسٽم ڪوڊ جاري ڪيا ويا آهن، جنهن هيٺ 30 ڊالرن تائين جي موبائل فون تي 300 رپيا في سيٽ ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، 30 کان 100 ڊالر جي موبائل فون تي 3 هزار رپيا، 100 کان 200 ڊالرن جي موبائل فون تي 7500 رپيا ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت 200 کان 350 ڊالرن تائين موبائل فون تي 11000 رپيا، 350 کان 500 ڊالرن جي في سيٽ موبائل فون تي 15000 رپيا ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته 500 ڊالرن کان وڌيڪ في سيٽ تي 22000 رپيا ڊيوٽي هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو