189

نيب پاران احسن اقبال ۽ خواجه آصف جي ضمانت خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب پاران نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هڪ بيان ۾ نيب پاران چيو ويو آهي ته نيب احسن اقبال خلاف نيب ڪورٽ اسلام آباد ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو، جيڪو هلندڙ آهي، نيب پاران احتساب عدالت ۾ روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي لاءِ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب پاران خواجه آصف جي ضمانت خلاف پڻ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو