لاهور (ويب ڊيسڪ) شهباز شريف پنهنجي ڪارڪردگي بابت ڪتاب عدالت ۾پيش ڪري ڇڏيو، مني لانڊرنگ، رمضان شگر ملز ۽ آشيانا ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا، شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ۾ پنهنجي خدمتن جو ذڪر ڪندي جج آڏو ڪارڪرگي جو ڪتاب پيش ڪيو، شهباز شريف عدالت کي ٻڌايو ته قوم جا اربين رپيا بچايا، بجلي جا منصوبا نواز شريف جي نگراني ۾ لڳايا، بجلي وڌيڪ ۽ سستي هئي، اها حقيقت آهي ته اسان قوم جي خدمت ڪئي آهي، اپوزيشن ليڊر پنهنجي ڪارڪردگي بابت ڪتاب جج آڏو پيش ڪيو، عدالت پڇاڻو ڪيوته توهان ڪارڪردگي بابت رپورٽ نيب جي جاچ ۾ ڏني، جنهن تي شهباز شريف چيو ته ها بلڪل سمورو رڪارڊ نيب کي فراهم ڪيو آهي، مان هتي سياست جي ڪا ڳالهه نه ڪندس، احتساب عدالت ٽنهي ريفنسز تي ڪارروائي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
